اسلام آباد -06 ڊسمبر (اي پي پي) تازو ئي پاڪ ??حريه ۾ شامل ڪيل جهاز پي اين ايس تبوڪ ترڪيءَ جي بندرگاهه اڪساز جو دورو ڪيو جتي ??رڪ بحريه پاڪ ??حريه جي جهاز جو استقبال ڪيو. پاڪ ??حريه جي ترجمان موجب جهاز جي ڪمانڊنگ آفيسر ڪمانڊر اڪساز نيول بيس سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي پيشيواراڻي معاملن ۽ ٻطرفي سامونڊي تعاون جي وڌيڪ فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ??رڪ بحريه جي عملدارن خطي ۾ ميري ٽائيم سيڪيورٽي جي لاءِ پاڪ ??حريه جي ڪوششن کي ساراهيو. پي اين ايس تبوڪ ??رڪ بحريه جي جهاز سان گڏيل مشق ۾ پڻ حصو ورتو. پي اين ايس تبوڪ جو ترڪيءَ جو اهو دورو ٻنهي ملڪن خاص طور تي سامونڊي فوج جي وچ ۾ مضبوط ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جو عڪاس آهي.