اسلام آباد – 09 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان پاڪستان ۾ مراڪش جي سفير محمد ڪارمون ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن مسلمان امت کي درپيش چئلينجز ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته پاڪست??ن ۽ مراڪش جي وچ ۾ لاڳاپا مذهب، ا??وت ۽ ثقافت جي مضبوط بنيادن تي هموار آهن، پاڪستان مراڪش سان پنهنجي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو ۽ ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مس??حڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي، ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽن ۾ رابطن کي فروغ ڏئي ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مس??حڪم بڻائي سگهجي ٿو.