اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جي ٽيسٽنگ ۽ راب??ي جو پتو لڳائڻ جو جائزو ورتو ۽ صوبائي انتظاميه کي هد??يت ڪئي ته هو ڪورونا وائرس سبب متاثر مريضن جي حوالي سان باخبر رهي، ڪووڊ-19 جي مريضن سان رابطو ۽ قرنطينه جي لاءِ موجوده انتظامن ۾ اضافو ڪري، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ اين سي او سي جي اجلاس ۾ ٽيم اين سي او سي جي ذريعي بلوچستان جي دوري بابت اپ ڊيٽ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. تعليم واري وزارت جي اهتمام هيٺ اسڪولن جي حوالي سان عمومي سوالنامو سان گڏ جواب ۽ ان وبائي چارٽ جي حوالي سا?? انگ اکر، اندروني ملڪ سفر ??ندڙ مسافرن بابت پاليسي ۽ پاڪ ٽريڪ ايپليڪيشن پورٽل جو به جائزو ورتو، فورم کي بلوچستان جي شهري ۽ ٻهراڙي علائقن ۾ ڪورونا وائرس ٽيسٽنگ ۽ راب??ي جو پتو لڳائڻ بابت ٽيم جي دوري جي نتيجن کان آگاهه ڪيو ويو.