اسلام آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت جي ترجيح ڪاروباري سرگرمين جو فروغ ۽ انهن کي ممڪن حد تائين مراعتون ڏيڻ سان گڏوگڏ ايندڙ رڪ??وٽن کي ختم ڪرڻ ۽ ڪاروبار جي لاءِ موافق فضا ميسر ڪرڻ آهي، ڪاروبار سان جڙيل نوجوانن کي سهولتون فراهم ڪيون وينديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ڪامياب ڪاروباري شخصيتن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، صنعت وارو وزير حماد اظهر، واپار وارو صل??حڪ??ر عبدالرزاق دائود، ناڻي وارو صل??حڪ??ر عبدالحفيظ شيخ، اداره جاتي سڌارن وارو صل??حڪ??ر ڊاڪٽر عشرت حسين، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، سيڙپڪاري بورڊ جو ??يئ??مين عاطف بخاري به شريڪ هو.