اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا جي وبا سان معاشري جو ڪمزور ۽ پورهيت ??بقو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو، انهن جي تحفظ لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻي پوندي، پاڪستان ڪرفيو ۽ مڪمل لاڪ ڊا??ون بدران سمارٽ لاڪ ڊا??ون جو طريقو اختيار ڪيو ۽ تعميرات ۽ زرعي شعبن کي کوليو، غيررسمي معيشت سان واڳيل پورهيت ??بقي کي روڪ امداد فراهم ڪئي، وڏي انگ ۾ اسان جا ورڪرز ٻين ملڪن ۾ ڪ?? ڪن ٿا ۽ پرڏيهي مٽاسٽا جو ناڻو ڪمائين ٿا، اسان کي وڏن ملڪن کي ان مسئلي تي قائل ڪرڻو پوندو ته اهي پورهيت ??بقي سان همدرداڻو رويو اختيار ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن (آءِ ايل او) جي اهتمام هيٺ 5 ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس کي وڊيو ڪانفرنس ذريعي خطاب ڪندي ڪيو.