اسلام آباد – 29 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ?? نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ حڪومت معاشري جي ڪمزور ۽ نظرانداز طبقن جي ف??اح لاءِ پرعزم آهي، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ زندگي جي مختلف شعبن ۾ نوجوانن ک?? ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻ به حڪومت ج?? ترجيحن جو حصو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ يورپي يونين جي سفير اينڊرولا ڪمينارا سان ڳالهائيندي ڪيو.