اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) پرنسپل انفارميشن آفيسر ڊاڪٽر طارق محمود خان چيو آهي ته علائقائي اخبارن ۽ صح??في?? کي درپيش مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا ۽ صح??في?? جي لاءِ صحت ڪارڊ حاصل ڪرڻ کي آسان ۽ يقيني بڻايو ويندو. جاري پڌرائي موجب اها ڳالهه هن راولپنڊي اسلام آباد يونين آف جرنلسٽس (آر آء?? يو جي) جي وفد سان ڳالهائيندي چئي. وفد جي قيادت آر آء?? يو جي جي صدر سيد قيصر عباس شاهه ڪري رهيو هو. وفد ڊاڪٽر طارق محمود خان کي پرنسپل انفارميشن آفيسر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ صحت ڪارڊ ۽ ايڪريڊيٽيشن ڪارڊ حاصل ڪرڻ کي آسان بڻائڻ جي درخواست ڪئي ۽ اخبارن جي مالڪن پاران ملازمن جي پگهارن جي ادائيگي، صح??في?? ۽ ريجنل اخبارن کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر ڊاڪٽر طارق محمود خان وفد کي خاطري ڪرائي ته ريجنل اخبارن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا ۽ صح??في?? جي لاءِ صحت ڪارڊ حاصل ڪرڻ جي عمل کي آسان بڻايو ويندو. هن چيو ته هو صح??في?? کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ پنهنجي نگراني ۾ جامع پاليسي جوڙيندو ۽ انهن جا مسئلا حل ڪيا ويندا. وفد ۾ ملڪ رشيد، راحيل انور سواتي، ضرار فريد، عارف ملڪ، عمران مقصو?? ۽ ??ظفر ڀٽي پڻ شامل هئا.