اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان پيٽرول ۽ ڊيزل ۽ بجلي جي قيمتن ?? گه??تائي سميت هڪ وڏي عوامي ريليف پئڪيج جو اعلان ڪيو آهي ۽ اڳتي به عوام کي ريليف ڏيندو رهندو، قيمتون گه?? ڪرڻ تي به مخالف ڌر کي اعتراض آهي، مخالف ڌر منافقاڻو رويو ختم ڪري، عمران خان معيشت کي ڏيوالپڻي کان ٽيڪ آف تي پهچائي ڇڏيو، اسان جي وزيراعظم جا محل نه آهن، مني لانڊرنگ نه ڪئي ۽ نه ئي ڦرلٽ ڪئي، مخالف ڌر ڄاڻي چڪي آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت ڪيڏانهن وڃڻ واري نه آهي، اها 5 سال مڪمل ڪندي ۽ اڳتي حڪومت به پي ٽي آءِ جي هوندي. اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان عوامي ريليف پئڪيج جو اعلان ڪيو آهي، پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 10، 10 رپيا ۽ بجلي في يونٽ 5 رپيا گه?? ڪئي آهي، عالمي سطح تي مهانگائي ٿي ته آمريڪا، يورپ، برطانيا سميت پوري د??يا ۾ مهانگائي جو 40 سالن جو رڪارڊ ٽٽُي ويو. مملڪتي وزير چيو ته پيٽرول في بيرل 40 ڊالر مان 111 ڊالر، کاڄرو تيل 400 ڊالر مان 1300 ڊالر في ٽن، ڪوئلو 40 ڊالر مان 200 ڊالر تي پهچي ويو آهي، پوري د??يا ۾ ٿيندڙ مهانگائي جو اثر حڪومتن ?? عوام تي پيو، آمريڪا ۾ مهانگائي جو 42 سالا رڪارڊ ٽٽي ويو آهي، اسان جو خيال هو ته ڪوويڊ 19 کانپوءِ حالتون بهتر ۽ مهانگائي جي شرح گه?? ٿيندي ته عوام کي ريليف ڏينداسين. دنيا ۾ لاجسٽڪ ۽ ٽرانسپورٽيشن مهانگي ٿي آهي، ان جا به اثر آهن، ان صورتحال ۾ عمران خان عوام تي بار وجهڻ بدران ريليف ڏنو، پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ?? تازي گه??تائي سان اڳ ۾ به ٽيڪسز گه?? ڪرڻ سان حڪومت 70 ارب جو بار پاڻ برداشت ڪري رهي هئي، ٽ??ڪس اوڳاڙيون رڪارڊ ٿيون، 8 مهينن ۾ 30 سيڪڙو ٽ??ڪس وڌيڪ گڏ ڪيو آهي، اڳ ۾ مخالف ڌر آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ تي تنقيد ڪري رهي هئي ۽ هاڻي قيمتون گه?? ڪرڻ تي به مخالف ڌر کي اعتراض آهي، مخالف ڌر منافقاڻو رويو ختم ڪري.