اسلام ??باد – 21 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ترڪيءَ جي مذهبي معاملن جي پريزيڊنسي جي سربراهه پروفيسر ڊاڪٽر علي اير??اس ملاقات ڪئي. وزيراعظم ملاقات ۾ ترڪيءَ جي ??نظ?? اداراجاتي تعليمي نظام ??ي شعبي ۾ بهترين قدمن ۽ معلومات جي مٽاسٽا جي لاءِ ٻ??رفي تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ شاندار ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو جيڪي مذهبي، ثقافتي، لساني ۽ تعليمي رابطن، عوام ??ان عوام ??ي رابطن ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل آهن. وزيراعظم ??نظ?? ۽ اداراجاتي مذهبي تعليمي نظام ??ي ترڪ ماڊل کي ساراهيو ۽ ان شعبي ۾ بهترين طريقن ۽ معلومات جي مٽاسٽا جي لاءِ ٻ??رفي تعاون تي زور ڏنو. هن چيو ته ڊاڪٽر اير??اس جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي مذهبي ادارن جي وچ ۾ رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي ترڪيءَ جي پاڪستان جي مستقل حمايت تي ترڪ حڪومت ۽ قيادت جا ٿورا مڃيا. هن وڌندڙ اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي گڏيل قدمن تي پاڪستان سان ترڪيءَ جي ويجهي تعاون کي پڻ ساراهيو. پروفيسر ڊاڪٽر اير??اس والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي تي ترڪيءَ جي اصولي موقف کي ورجايو. هن پاڪستان پاران رحمت للعالمين اٿارٽي قائم ڪرڻ کي ساراهيندي ان سلسلي ۾ ترڪيءَ جي تعاون جي آڇ ڪئي. هن وزيراعظم کي ترڪ قيادت پاران خيرسگالي جو پيغام پهچايو ۽ پاڪستان سان سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي ترڪيءَ جي خواهش کي ورجايو.