اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پ?? پي) پرڏيهي وزير شاهه محمو?? قريشي سان انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن جي ڊائريڪٽر جنرل جي عهدي لاءِ جمهوريه ڪوريا جي اميدوار ڪانگ ڪيونگ وا پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي، پرڏيهي وزير چيو ته بهترين سفارتڪار اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ سياستدان هجڻ جي ناطي توهان جو تجربو متاثر ڪند?? ۽ ??يشيا پيسفڪ ريجن سان تعلق رکندڙ تجربيڪار عورت اميدوار جي طور تي توهان آئي ايل او جي قيادت لاءِ مضبوط اميدوار آهيو، شاهه محمو?? قريشي چيو ته جنيوا ۾ گذريل مهيني ٿيل عوامي ٻڌڻي ۾ توهان جو موقف ۽ ترجيحن جو اظهار واکاڻ جوڳو آهي، ڪورونا وائرس جي عالم گير وبا دنيا جي معيشت کي بري طرح متاثر ڪيو آهي، جڏهن ته ملازم، مالڪ ۽ پورهيت ان وبائي مرض سان هڪجهڙا متاثر ٿيا، شاهه محمو?? قريشي چيو ته مناسب ترقياتي فنانسنگ ۽ ويڪسين ايڪويٽي، معاشي بحالي جي لاءِ مددگار ثابت ٿيندي، پاڪستان آءِ ايل او گورننگ باڊي جي ميمبر طور تي ان اهم عالمي ترجيحن لاءِ پنهنجي حمايت جاري رکندو. اسان اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايل او سان ترقياتي فنانسنگ، قرض کان ڇوٽڪارو، ويڪسين ايڪويٽي ۽ منصفاڻي عالمي مالياتي ڍانچي جي قيام، سماجي ۽ اقتصادي اڻبرابري جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪرڻ جي اميد رک??ن ٿا. انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن جي ڊائريڪٽر جنرل جي عهدي لاءِ جمهوريه ڪوريا جي اميدوار ڪانگ ڪيونگ وا تعريفي جملن تي پرڏيهي وزير شاهه محمو?? قريشي جو ٿورو ادا ڪيو.