اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) قومي سلامتي ??ي صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف چيو آهي ته پاڪستان ۾ قومي سلامتي ??ي تمام گهڻو ??حث ٿيو، قومي سلامتي پاليسي جاري ڪرڻ ضروري هو، پاڪستان جي هر شهري ??و تحفظ قومي پاليسي جو حصو آهي.
وزيراعظم آفيس ۾ نيشنل سيڪيورٽي پاليسي جي پبلڪ ورزن جاري ڪرڻ جي موقعي تي ??قريب کي خطاب ڊاڪٽر معيد يوسف چيو ته اسان پوري دنيا جون پاليسيون ڏٺيون آهن، پاڪستان ۾ قومي سلامتي ??ي تمام گهڻو ??هث ٿيو، ضرورت هئي ته پاڪستاني قومي سلامتي پاليسي جاري ڪئي وڃي، پاڪستان جي هر شهري ??و تحفظ قومي پاليسي جو حصو آهي، تعليم جو قومي سلامتي ??ان سڌو سنئون تعلق آهي، هن چيو ته قومي سلامتي پاليسي اسان جي سلامتي ??ي اثر انداز ٿيندڙ روايتي ۽ غير روايتي مسئلن جي وسيع ڏس ۾ جوڙي وئي آهي.
قومي سلامتي پاليسي ۾ جيواسٽريٽجڪ ۽ جيو پوليٽيڪل رخن جو محور معاشي سلامتي ??هي جنهن ۾ پاڪستان جي سلامتي ??و استحڪام ۽ دنيا ۾ مقام حاصل ڪرڻ نمايان خصوصيتون آهن. هن چيو ته ان دستاويز کي مڪمل سول ملٽري اتفاق راءِ کانپوءِ حتمي شڪل ڏني وئي آهي.