اسلام ??با?? – 21 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته اسلامي تعاون تنظيم ??ي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس ??ي پاڪستان ۾ منعقد ٿيڻ سان دنيا ۾ اسان جي ساک بهتر ٿي آه??، دنيا افغانستان جي حوالي سان اسان جي موقف جي تائيد ڪئي آه??، قانون جي حڪمراني ۽ ميرٽ جي بالادستي کانسواءِ ڪو ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي، اسان کي پنهنجي ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني کي فروغ ڏيڻو آه??، پنهنجو پاڻ تي يقين سان اسان هڪ ڀيرو ٻيهر 1960ع جي ڏهاڪي وانگر تيزي سان ترقي جي سفر تي گامزن ٿينداسين، اسان جي ٽي سالا دور ۾ پاڪستان جي ساک بهتر ۽ عالمي رويا تبديل ٿيا. وزيراعظم عمران خان پرڏيهي وزارت جو دورو ڪيو ۽ پاڪستان ۾ افغانستان جي صورتحال تي اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) ??ي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي گهٽ وقت ۾ ڪامياب انعقاد تي پرڏيهي وزارت جي اسٽاف کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم ان موقعي تي تقري کي خطاب ڪندي چيو ته پريهي وزارت اچڻ جو مقصد توهان کي مبارڪباد ڏيڻ هو جهڙي طرح توهان انتهائي مختصر نوٽيس ۾ او آءِ سي جي اجلاس کي ڪامياب بڻايو، پاڪستان ۾ ڊگهي عرصي کانپوءِ ڪو اهڙو ايونٽ ٿيو، جيڪڏهن ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ اهو ايونٽ ٿئي ها ته آئون ان کي ايترو نه ساراهيان ها، اها مشق ايندڙ او آءِ سي جي اجلاس جي لاءِ اهم ثابت ٿيندي. وزيراعظم چيو ته هر ملڪ جي تاريخ ۾ لاها چاڙها ايندا آه?? جڏهن ته اسان پنهنجي ملڪ کي درپيش لاهن چاڙهن جو الزام ڪنهن ٻئي تي نه ٿا هڻي سگهون، اسان غيرملڪي امداد جي لاءِ پنهنجي ملڪ جي ساک کي داءُ تي لڳايو، پنهنجي عوام جي مفادن جي برخلاف پئسي جي لاءِ پرڏيهي پاليسي ٺاهي، دهشتگردي جي خلاف هڪ ڊگهي جنگ وڙهي جنهن جو مقصد بدقسمتي سان ڊالر هو، جڏهن اسان اصولن کان هٽي اهڙي قسم جا فيصلا ڪنداسين، ماديت جي بنياد تي فيصلا ڪنداسين ته ان سان وقتي فائدو ٿيندو پر پوءِ نقصان کي منهن ڏيڻو پوندو. هن چيو ته ماضي ۾ ڪيل غلط فيصلن سان اسان پستيءَ جو شڪار ٿياسين. وزيراعظم چيو ته اسان کي خوشي آه?? ته ٽن سالن ۾ دنيا جو پاڪستان بابت رويو مختف رهيو، پاڪستان جي تاريخ ۾ جيتري قدر مالي خساري کي اسان جي حڪومت کي منهن ڏيڻو پيو شايد ئي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ان کي منهن ڏيڻو پيو هجي، ان کانپوءِ ڪورونا جو بحران آيو. وزيراعظم چيو ته جتي اڄ پاڪستان بيٺل آه?? ان جي ساک بهتر آه??، مشڪلاتون اڃا به آه?? جڏهن ته ساک ۾ هاڻي بهتري آئي آه??، او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو ڪامياب اجلاس ان جو عڪاس آه??، پوري اسلامي دنيا اسان سان گڏ بيٺل آه??، ان ڪانفرنس جي ڪاميابي ۾ پرڏيهي وزارت جو وڏو ڪردار آه??، ان ڪانفرنس ۾ جيڪا قرارداد منظور ڪئي وئي ان سان اسان جا مقصد پورا ٿيا، او آءِ سي اجلاس ۾ سامهون ايندڙ موقف هاڻي عالمي حيثيت اختيار ڪري چڪو آه??، يورپي يونين ۽ گڏيل قومون به ان موقف جي تائيد ڪري رهيا آه?? جڏهن ته ڪانگريس ميمبرن پاران لکيل خط اسان جي موقف جي تائيد آه??. وزيراعظم چيو ته اسان جو اهو موقف آه?? ته طالبان جي حڪومت ڪنهن کي پسند هجي يا نه هجي افغانستان جي چار ڪروڙ عوام جي زندگي متاثر ٿي رهي آه?? جنهن جو هاڻي دنيا اعتراف ڪيو آه??، جهڙي سطح جو انساني بحران جنم وٺي رهيو آه?? ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جلد امداد جي ضرورت آه??. وزيراعظم چيو ته اسان جي لاءِ افغانستان جو مسئلو رڳو اهو نه آه?? ته افغانستان اسان جو پاڙيسري ملڪ آه?? پر پاڪستان قائم ٿيڻ کان اڳ کان اسان جو ويجهو لاڳاپو آه??، هتي ??ڪ انساني بحران آه?? جيڪو انسانن جو پيدا ڪيل آه??، هتي بئنڪ اڪائونٽس منجمند آه??. وزيراعظم چيو ته جڏهن ڪا قوم پستي جو شڪار ٿئي ٿي ته ان جي خودداري متاثر ٿئي ٿي، پڪي يقين سان انسان ڪجهه به حاصل ڪري سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته سندس تربيت هڪ ٽيم جي شڪل ۾ ٿي، اسان دنيا جي وڏين ٽيمن سان مقابلو ڪيو، جڏهن ڪا ٽيم ڪامياب ٿيندي آه?? ته ان ۾ پنهنجو پاڻ تي يقين جي قوت ان جو اثاثو هوندي آه??. وزيراعظم چيو ته ڀارت اسان کان ڪيترائي ڀيرا وڏو ملڪ هو پر اسان جي دور ۾ اسان ان جي خلاف 24 ون ڊي کيڏيا جن مان 19 کٽيا، اها ڪاميابي ٽيم ورڪ جو نتيجو هئي. وزيراعظم چيو ته هن ڪانفرنس جي ڪاميابي به ٽيم ورڪ جو نتيجو آه??، ان ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو پڻ وڏو ڪردار آه?? ڇو ته انهن سڀني کي پنهنجو پاڻ تي يقين هو ته اسان اهو ڪري سگهون ٿا، بطور قوم پنهنجو پاڻ تي يقين سان اسان ڪجهه به ڪري سگهون ٿا، اهو ئي سبب آه?? جو اسان جي دور ۾ پاڪستان ورلڊ چيمپئن بڻيو، اسان شوڪت خانم اسپتال ٺاهي جيڪو هڪ معجزو هو جڏهن ته هاڻي ٻئين ۽ ٽئين اسپتال پڻ ٺهي رهي آه??. وزيراعظم چيو ته زلزلي کانپوءِ پوري دنيا اسان جي مدد ڪئي پر جڏهن ٻوڏ آئي ته ان کانپوءِ سڄي دنيا مان پاڪستانين هڪ ٻئي جي مدد ڪئي. وزيراعظم چيو ته ڪنهن دارومدار ڪرڻ سان پنهنجو پاڻ تي اعتماد گهٽ ٿي وڃي ٿو، پاڪستان 22 ڪروڙ هونهار ماڻهن جو ملڪ آه?? جيڪو هڪ وڏي طاقت آه??، 90 لک ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني هر شعبي ۾ انتهائي قابل ۽ معياري ماڻهو آه??. وزيراعظم چيو ته اسان کي پنهنجي ملڪ جو نظام ٺيڪ ڪرڻو آه??، قانون جي حڪمراني ۽ ميرٽ کڻي اچڻو آه?? ڇو ته قانون جي حڪمراني کانسواءِ ڪو ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي، اشرافيه هن ملڪ جو نظام ڪنٽرول ۾ رکيو، دنيا ۾ غريب ملڪ وسيلن جي باوجود غريب ترين ٿي رهيا آه?? جڏهن ته نيوزيلينڊ ۽ سوئيٽزرلينڊ وسيلا نه هجڻ جي باوجود رڳو قانون جي بالادستي سان خوشحال ترين ملڪ آه??. وزيراعظم چيو ته اسان جي جدوجهد پنهنجي ??با??ي کي مٿي آڻڻ آه??، طبقاتي نظام تعليم هن ملڪ ۾ مختلف ڪلاسون پيدا ڪيون، هتي اشرافيه جي لاءِ اسپتال، قانون ۽ انصاف جدا آه??. وزيراعظم چيو ته ڪو ملڪ رات وچ ۾ ترقي نه ٿو ڪري سگهي، اسان ڪرنٽ اڪائونٽ خساري تي ضابطو آڻي ورتو هو پر کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ اضافي سان اسان کي ٻيهر اهو درپيش آه??، ڊالر جي گهٽتائي سان رپئي تي دٻاءُ وڌي ٿو. ن چيو ته مونکي پوري اميد آه?? ته پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر 1960ع جي ڏهاڪي ۾ جنهن رفتار سان ترقي ڪري رهيو هو انهي رفتار سان ترقي ڪندو. وزيراعظم چيو ته سڄي دنيا ۾ پنهنجي سفيرن کي متحرڪ ڪنداسين ته جيئن اهي ٻاهرئين دنيا مان سيڙپڪاري پاڪستان آڻين.