اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستا?? جي معاشي تباهي واضح ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي، بحران سان نه رڳو پاڪستان پر سڄو خطو متاثر ٿيندو، ترڪي، ايران، انڊونيشا، ملائيشيا ۽ ٻيا عرب ملڪ او آءِ سي جي ميمبر آفريقي ملڪ ان ڪانفرنس ۾ شرڪت جو اشارو ڏنو ويو آهي. اسان او آءِ سي ملڪن کانسواءِ سلامتي ڪائونسل جي پنج مستقل ميمبرن، اهم يورپي ملڪن ۽ گڏيل قوم?? جي تنظيم?? جي نمائندن کي به ان اجلاس ۾ گهرايو آهي. او آءِ سي پرڏيهي وزير ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جي حوالي سان هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته 19 ڊسمبر تي اسلام آباد ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزير ڪائونسل جي اجلاس جي واحد ايجنڊا افغانستا?? جي صورتحال هوندي، آئون ??ڄ دنيا کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته جيڪڏهن افغانستا?? جي صورتحال تي سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪيو ويو ته افغانستان ۾ اڀرندڙ انساني بحران سنگين صورتحال اختيار ڪري سگهي ٿو. افغانستا?? جي معاشي بربادي واضح ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي، ان بحران سان نه رڳو پاڪستان پر سڄو خطو متاثر ٿيندو. دنيا کي افغانستا?? جي معاملن ۾ فوري مداخلت ڪرڻي پوندي، شاهه محمود قريشي چيو ته اڄ گڏيل قومون ??المي بئنڪ، آءِ ايم ايف، اسا?? جي ڳالهه ورجائي رهيو آهي، هو چئي رهيا آهن ته جيڪڏهن افغانستان تي لڳل پابندين تي نظرثاني نه ڪئي وئي ۽ افغانين کي فوري طور تي امداد نه پهچائي وئي ته تمام وڏو بحران پيدا ٿي سگهي ٿو. افغانستان ۾ ڪو بئنڪنگ نظام نه آهي، عالمي ادارا چئي رهيا آهن ته جيڪڏهن فوري ڌ??ان نه ڏنو ويو ته 2022ع جي وچ ڌاري 97 سيڪڙو افغان غربت جي سطح کان هيٺ هوندا، هن چيو ته هن وقت 95 سيڪڙو افغانين وٽ کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجهه نه آهي اسان پنهنجي ذميداري نڀائي رهيا آهيون، پر پاڪستان اڪيلو اها ذميداري نٿو کڻي سگهي، فوري فيصلا نه ڪيا ويا ته وڏو بحران ايندو. پرڏيهي وزير چيو ته اسلام آباد ۾ اجلاس جو مقصد دنيا کي افغان صورتحال کان باور ڪرائڻ آهي، مناسب هوندو افغان اٿارٽي جو موقف به سامهون ??کيو وڃي، پرڏيهي وزير خبردار ڪيو ته دنيا کي افغانستا?? جي معاملن ۾ فوري مداخلت ڪرڻي پوندي ۽ افغانستان کي انساني بحران کان بچائڻو پوندو. افغانستان ۾ انساني بحران جا پاڪستان تي اثر پوندا. پرڏيهي وزير چيو ته 40 لک افغان پناهگير?? جي اڄ به خدمت ڪري رهيو آهي، وڌيڪ افغان پناهگيرن جو بار کڻڻ جي سگهه نه آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته گڏيل قومن جو جنرل سيڪريٽري افغانستا?? جي انساني مدد لاءِ ”فليش ايپل“ دنيا جي سامهون ??کي، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ خدا نه ڪري جيڪڏهن انساني بحران پيدا ٿئي ٿو ته ا?? جي ان نتيجي ۾ افغان پناهگير?? جي هڪ يلغار سامهون ??چي سگهي ٿي، افغانستان ۾ صورتحال خراب ٿيڻ سان دهشتگردن کي وڌڻ ويجهڻ جو موقعو ملي ويندو، دهشتگردي جي خلاف ڪيل ڪوششون ??ايع ٿي وينديون، ضروري شيون ??فغانستان جو رخ ڪنديون ??ه پاڪستان ۾ مهانگائي وڌيڪ وڌندي.