اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ماضي جي حڪمرانن کي اوورسيز پ??ڪس??انين جي مٽاسٽا جي ناڻي سان ته پيار هو پر هو انهن کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي خلاف هئا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي آءِ ب??طانيه جي صدر عبدالستار رانا ۽ سينئر نائب صدر ملڪ عمران خليل ملاقات دوران ڪيو جنهن مملڪتي وزير سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران اوورسيز پ??ڪس??انين جي مسئلن جي حل، ٻاهرين ملڪن ۾ پ??ڪس??اني مشنز جي ڪردار ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پي ٽي آءِ ب??طانيه جي عهديدارن ٻاهرين ملڪ رهندڙ پ??ڪس??انين کي ووٽ جو حق ڏيڻ تي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس ٽيم جو ٿورو ادا ڪيو، مملڪتي وزير چيو ته ماضي ۾ سمورين حڪومتن کي اوورسيز پ??ڪس??انين جي مٽاسٽا جي ناڻي سان ته پيار هو پر هو کين ووٽ جو حق ڏيڻ جي خلاف هئا،. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان 90 لک اوورسيز پ??ڪس??انين سان اليڪشن کان اڳ جيڪو واعدو ڪيو هو اهو پورو ڪري ڏيکاريو. فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان برطانيه سميت سڄي دنيا ۾ قائم پ??ڪس??اني مشنز کي واضح هدايتون ڏئي رکيون آهن ته پ??ڪس??انين جي مسئلن کي فوري حل ۽ هر ممڪن سهولت فراهم ڪن. عبدالستار رانا چيو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پ??ڪس??انين لاءِ روشن ڊجيٽل اڪائونٽ، پنهنجو گهر اسڪيم جهڙا پروگرام جاري ڪرڻ تي پي ٽي آءِ حڪومت جا ٿورائتا آهيون. ملڪ عمران خليل چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ سڄي دنيا ۾ رهندڙ پ??ڪس??اني عمران خان کي ووٽ ڏيندا، پي ٽي آءِ ب??طانيه جي قيادت اوورسيز پ??ڪس??انين جي لاءِ پاور آف اٽارني جاري ڪرڻ جي لاءِ آٽوميشن نظام متعارف ڪرائڻ تي وزيراعظم عمران خان جو ٿورو ادا ڪيو. هن چيو ته پاور آف اٽارني جي آن لائين تصديق ۽ جاري ڪرڻ سان هزارين سمنڊ پار پ??ڪس??انين جو فائدو ٿيندو. پراڻي ڪرپٽ نظام مان فائدو کڻندڙ ملڪ ۾ تبديلي نه چاهيندا هئا.