اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بينڪنگ محتسب 6 فيصلن جي خلاف ??جي بئنڪ جي اپيلن کي رد ڪندي بئ??ڪنگ فراڊ جي 6 متاثر ماڻهن کي 8 لک 27 زار روپين کان وڌيڪ رقم واپس ڪرڻ جو حڪم برقرار رکيو آهي، صدر بئ??ڪنگ محتسب جي فيصلن جي خلاف حبيب بئ??ڪ جي 5 جڏهن ته ميزان بئ??ڪ جي هڪ اپيل رد ڪندي ??جي بئنڪن کي فراڊ متاثرين جي چوري ٿيل رقم انهن جي بئ??ڪ اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي، ڪيسن جي تفصيلن موجب شڪايت ڪندڙن محمد پرويز خان، ڪاشف لطيف، نعمت علي، انتظار احمد، آسيه منظور ۽ محسن شبير جا حيب بئ??ڪ لميٽيڊ ۾ اڪائونٽس هئا، انهن ماڻهن کي نامعلوم نمبر تان ڪال ڪئي وئي ۽ ڪال ڪندڙ ماڻهن پنهنجو پاڻ کي بئ??ڪ جي عملدار طور ظاهر ڪندي انهن کان ذاتي معلومات طلب ڪئي جيڪا کاتيدارن فراهم ڪئي، فراڊ ڪندڙ ماڻهن پرويز خان جي اڪائونٽ مان 3333000 روپيا، ڪاشف لطيف کان 140000 روپيا، نعمت علي کان 137489 روپيا، انتظار احمد کان 119848 روپيا، آسيه منظور کان 78780 روپيا ۽ شبير جي اڪائونٽ مان 20108 روپيا فراڊ جي ذريعي منتقل ڪيا، جنهن کانپوءِ کين بئ??ڪ مان انهن جي اڪائونٽس مان وڏي رقم نڪرڻ جا پيغام مليا، شڪايت ڪندڙن فراڊ جي ذريعي ڪڍيل رقم جي واپسي لاءِ بئ??ڪ سان رابطو ڪيو تنهن هوندي به کين ڪو به رليف فراهم نه ڪيو ويو جنهن کانپوءِ هنن ذاتي طور تي بئ??ڪنگ محتسب سان رابطو ڪيو ته جيئن سندن شڪايتن جو ازالو ٿي سگهي، بئ??ڪنگ محتسب پنه??جي فيصلي ۾ لکيو آهي ته پيمنٽ سسٽم اينڊ اليڪٽرانڪ فنڊ ٽرانسفر ايڪٽ 2007ع جي شق 30 تحت فنڊز ٽرانسفر ڪرڻ جي سهولت آءِ بي/اي ايف ٽي چئنل شهرين کي فائدي ۽ نقصان ٻڌائڻ کانساوءِ مهيا ڪئي وئي آهي، جيتوڻيڪ اها سهولت بنا ٻڌائڻ جي فراهم ڪئي وئي آهي ان لاءِ ڪنهن به مالي نقصان کي ”صارف جي ذميداري“ قرار نٿو ڏئي سگهجي، بئ??ڪنگ محتسب پنه??جي فيصلي ۾ لکيو آهي ته جيڪڏهن بئ??ڪ فنڊز ٽرانسفر ڪرڻ جي سهولت آءِ بي/ايف اي ٽي کي آپريشنل نه ڪري ها ته شڪايت ڪندڙ مالي نقصان کان بچي سگهيا پيا، هن پنه??جي فيصلي ۾ لکيو آهي ته بئ??ڪ قاعدن ۽ ضابطن تي عملدرآمد جو ڪو به ثبوت فراهم نه ڪري سگهي، ان لاءِ بئ??ڪ شڪايت ڪندڙن کي فراڊ ٿيل رقم جي ا??ئيگي ڪندي، بئ??ڪنگ محتسب جي ان فيصلي جي خلاف بئ??ڪ صدر کي اپيل ڪئي، صدر پنه??جي فيصلي ۾ لکيو آهي ته بئ??ڪن کي شڪايت ڪندڙن جي دعوائن جي نفي ۽ پنه??جي موقف جي دفاع جو پورو موقعو ڏنو ويو تنهن هوندي به بئ??ڪنگ محتسب جي حڪمن کي واپس وٺڻ جي حوالي سان بئ??ڪ ڪو سبب ??يش نه ڪري سگهي، صدر پنه??جي فيصلي ۾ لکيو آهي ته بئ??ڪ قانون موجب پنه??جي قانوني ذميدارين کي پورو ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، صدر بئ??ڪنگ محتسب جي فيصلن جي خلاف بئ??ڪ جي سموريون اپيلون رد ڪري ڇڏيون.