اسلام آباد – پهرين نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئ?? آهي ته معاشري جي پٺتي پيل طبقن کي معياري رهائش جي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پناهگاهن ۽ احساس ڪارڊز بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان پناهگاهه کي هڪ مثالي سماجي ڀلائي جي منصوبي ۾ تبديل ڪري رهيا آهيون، جتي غريب کي سموريون شهري سهولتون ملي سگهن، پناهگاهن ۾ خاص طور تي سرديءَ جي موسم دوران زند??ي جي معيار کي بهتر بڻا??ڻ جي لاءِ خصوصي انتظاميا ڪيا پيا وڃن. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئ?? ته معاشري جي تي پٺتي پيل طبقن کي معياري رهائش جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن. هن پناهگاهن ۾ مناسب حفظان صحت ??ي معيار ۽ صفائي جي بهتر سهولتن کي برقرار رکڻ جي پڻ هدايت ڪئ??.