رياض – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سعودي ??رب سان لاڳاپن کي گهري، اسرندڙ ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ بدلائڻ چاهيون ٿا. اها ڳالهه هن پاڪستان سعودي ??رب سيڙپڪاري فورم جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته گڏيل عقيدي ۽ قدرن تي ٻڌل دوستي ۽ اخوت جي رشتن ۾ ٻڌل اها مضبوط حصيداري ٻنهي ملڪن جي قيادتن جي وچ ۾ سالن کان هلندي پئي اچي. پرڏيهي وزير چيو ته اسان جي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڏهاڪن کان هيستائين خصوصي ٻنڌڻ قائم رهيو آهي. اسان جي سچي دل سان خواهش آهي ته افغان لاڳاپن کي گهري، وڌندڙ ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ بدلايو وڃي. پرڏيهي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جي نئون پاڪستان ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي سعودي ??رب جي لاءِ ويزن 2030ع جي بنيادي ??ماجي ۽ معاشي مقصدن ۾ انتهائي هڪ جهڙائي موجود آهي. پرڏيهي وزير وزيراعظم جي نئون پاڪستان ويزن کي اجاگر ڪندي چيو ته اسان جيو پوليٽيڪس کان جيو اڪنامڪس طرف تبديلي تي يقين رکون ٿا. ٻيو اسان ملڪ جي اندر ۽ ٻ??هر امن چاهيون ٿا ته جيئن اسان پنهنجي سماجي ۽ معاشي ترقي جي ايجنڊا تي ڌيان ڏئي سگهون. ٽيون اسان ترقي رکندڙ حصيداري جا خواهشمند آهيون جنهن ۾ واپار، معاشي رابطن ۽ رابطا وڌائڻ تي ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن اسان جي خطي کي خوشهالي سان همڪنار ڪرڻ ۾ مدد ملي. انهن هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسان ڪوششون ڪري رهيا آهيون ته پاڪستان کي معاشي سرگرمين جي مرڪز ۽ مثبت عالمي مفادن جي پرڪ??ش مقام طور پيش ڪريون. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پرڏيهي سيڙپڪارن خاص طور تي سعودي ??رب جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري سان حاصل فائدن ۽ ثمرن کي اجاگر ڪندي چيو ته پ??ڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) وسيع تر پهچ ۽ خطن کي ڳنڍڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿي جنهن ۾ واپاري رابطا ۽ ڍانچي جي ترقي، رستن جي نيٽ ورڪ، ريل ۽ فائبر آپٽڪ ڪيبل، توانائي پائپ لائينز ۽ توانائي پيدا ڪرڻ جا منصوبا شامل آهن. سي پيڪ جو ٻيو مرحلو صنعتي جديديت، زراعت ۽ سماجي معاشي ترقي تي ڌيان جو حامل آهي. خصوصي اقتصادي ??ونز جي لاءِ حڪومت خصوصي مراعتون ڏئي رهي آهي جنهن ۾ 100 سيڪڙو منافعو کڻي وڃڻ جي اجازت، ٽيڪس ۽ ڪسٽم کان ڇوٽ ۽ ڪيپيٽل سامان جي امپورٽ شامل آهي. گوادر بندرگاهه هوٽل، بئنڪنگ، انشورنس، فنانشنل ليزنگ، لاجسٽڪس، اوورسيز ويئر هائوس، خوراڪ ۽ تيل جي پراسيسنگ، مڇيءَ جي مصنوعات جي پراسيسنگ ۽ اليڪٽرانڪ شڊين جي تياري سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا پرڪ??ش موقعا فراهم ڪري ٿي. سعودي ??رب جي سيڙپڪارن لاءِ پاڪستان جي زرعي ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا نمايان ۽ ٺوس موقعا ۽ ترغيبات موجود آهن. پاڪستان ۾ سياحت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري سان ٻنهي ملڪن کي گڏيل ثمر ملي سگهن ٿا. پاڪستانين سعودي ??رب جي انفراسٽرڪچر جي ترقي ۾ مثبت ۽ تعميري ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ڏهاڪن کان خدمتن جي شعبي ۾ حصو وڌو آهي. هو سعودي ويزن 2030ع کي شرمنده تعبير ڪرڻ ۾ پڻ ڀرپور تعاون فراهم ڪري سگهن ٿا. پرڏيهي وزير اميد ظ??هر ڪئي ته سيڙپڪاري فورم، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڙپڪاري تعاون ۾ وڌيڪ تحرڪ ۽ تيزي آڻيندو ۽ ان جي نتيجي ۾ سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن ۾ موجود ان هم آهنگي ۽ ويجهي حصيداري عمل کي وڌيڪ سگهه ملندي ??يڪا ٻنهي ملڪن جي قيادت جي وچ ۾ اڳ کان موجود آهي.