ملتان – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سمورن ادارن سان مثالي لاڳاپا آهن، حڪومت کان ٻاهر ويٺل ماڻهن جي لاءِ رڳو صبر جي دعا ڪري سگهان ٿا، حڪومت ختم ٿيڻ جي اپوزيشن جي خواهش پوري نه ٿي سگهندي، لولي لنگڙي اپوزيشن کان حڪومت کي ڪو خطرو نه آهي، آئيني مدو پورو ڪنداسين، اڳيون وارو وري اسان جو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي چونڊ تڪ اين اي 156 ۾ مختلف جاين تي تقريبن کي خطاب ڪندي ڪيو. شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته ڪورونا جي عالمي وبا پوري دنيا جي معيشت کي متاثر ڪيو آهي ۽ انهي جي ڪري عالمي منڊي ۾ تيل جون قيمتون وڌڻ سان اسان کي به پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو ڪرڻو پيو پر پوءِ به حڪومت جي پوري ڪوشش آهي ته عوام تي گهٽ کان گهٽ بار وڌو وڃي. مهانگائي موجوده حڪومت جي لاءِ ??ڏو چئلينج آهي، مهانگائي جا سبب ان جا اندروني ۽ ٻاهريان عمل ۽ انهن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عملي طئي ڪئي پئي وڃي ۽ اسان جي اقتصادي ٽيم ان تي هوم ورڪ ڪري رهي آهي جنهن جا انشاءَ الله مثبت نتيجا سامهون ايندا. معاشري جي محروم ط??قي کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ جي لاءِ ??دم کڻي رهيا آهيون. ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ ??وس قدم کنيا پيا وڃن. جنهن جا مثبت نتيجا سامهون ايندا. هن چيو ته خطي ۾ ۽ خاص طور تي افغانستان ۾ ??من جي خواهش رکون ٿا. پاڪستان هڪ پر??من ۽ مستحڪم افغانستانجا جو خواهشمند آهي. ??من جو قيام خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ??ازمي آه??. خ??ي ۾ ??من قائم ٿيڻ سان تعمير ۽ ترقي حاصل ڪرڻ ممڪن ٿي سگهندي، اسان خطي ۾ ??من جي لاءِ ??ڏي قرباني ڏني آهي. اسان جي خواهش آهي ته افغانستان ۾ معاشي صورتحال نه بگڙي. ڪجهه قوتون افغانستان جون حالتون خراب ڪرڻ چاهين ٿيون. اسان چاهيون ٿا ته اهي ??من مخالف قوتون جيڪي افغانستان جي خراب صورتحال مان فائدو کڻڻ چاهيون ٿا انهن کي موقعو نه ملي سگهي. اسان عالمي برادري کي به اهڙين قوتن بابت آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان خطي ۾ ??من قائم ڪرڻ جي لاءِ ??نهنجي مصالحتي ڪوششون جاري رکندو.