لاهور – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? چي?? آهي ??ه عورت کي سڀ کان پهرين وراثت ۾ حصو اسلام ڏنو آهي ??يڪو ان کان ڪير به ڇني نٿو سگهي، موجوده حڪومت به عورتن کي بااختيار بڻائڻ سميت کين قومي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ پرعزم آهي، ان لاءِ پنجاب حڪومت عورتن کي جائيداد ۾ حصو ڏيڻ جي حوالي سان قانونسازي ڪئي آهي. هو مقامي هوٽل ۾ ”عورتن جي حراسگي“ جي موضوع تي منعقد قومي سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي وفاقي محتسب نبيله خان، اسيمبلي ميمبر، مختلف اين جي اوز ۽ انساني حقن جي تنظيمن جون نمائنده عورتون ۽ ٻيا ماڻهو به موجود هئا. صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? چي?? ته عورتن کي جائيداد ۾ حصو ڏيڻ جي حوالي سان پنجاب حڪومت جي قانونسازي خوش آئنده آهي ۽ ان تي مڪمل عملدرآمد ٿيڻ گهرجي ته جيئن اهو سمورو مرحلو قانون جي دائري ۾ رهندي ٿيڻ گهرجي، اهو نه ٿيڻ گهرجي ته توهان جائيدادن ۾ پنهنجو حصو وٺڻ لاءِ هٿياربند ماڻهو گڏ وٺي اچو. هن چي?? ته اسان جي ملڪ ۾ جائيداد جا تڪرار معمول جي ڳالهه آهن، هن چي?? ته آئون به اهڙن متاثرن ۾ شامل آهيان پر آئون قانون موجب پنهنجو حصو حاصل ڪرڻ تي يقين رکان ٿو، بهر حال عورتن کي جائيداد ۾ حصو ڏيڻ اسان جي ديني ۽ معاشرتي ذميداري آهي. صدر چي?? ته هن اسٽيٽ بئنڪ سميت ٻين مالياتي ادارن سان عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ قومي ڌارا ۾ آڻڻ جي غرض سان معاشي ۽ اقتصادي طور تي مستحڪم ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ته ادارن پاران مون کي ٻڌايو ويو ته حڪومت عورتن کي معاشي طور تي مضبوط ۽ بااختيار بڻائڻ لاءِ آسان ترين شرطن تي قرض جاري ڪرڻ جو پروگرام باقاعده شروع ڪري رکيو آهي. عارف ??لو?? چي?? ته مون کي اهو ٻڌي حيراني ٿي ته حڪومت پاران فنڊز فراهم ڪيا ويا آهن پر عورتون ان مان فائدو کڻڻ لاءِ بئنڪن يا لاڳاپيل ادارن جو رخ نه ڪري رهيون آهن. هن اسيمبلي جي عورت ميمبرن کي مخاطب ٿيندي چي?? ته هو ان سلسلي ۾ عورتن جي اصلاح ڪن ۽ انهن ۾ شعور اجاگر ڪن ته هو حڪومت جي ڪامياب جوان پروگرام مان فائدو کڻن ڇو ته اهو پروگرام صرف مردن لاءِ ئي ناهي پر ان ۾ عورتون به شامل آهن. هن چي?? ته عورتون ملڪ جي ڪل آبادي جو اڌ آهن ان لاءِ کين هر شعبي ۾ برابري ۽ مساوات جو حق حاصل آهي ??ڏهن ته حڪومت صنفي امتيازي جي هر سطح تي حوصلا شڪني ڪندي آهي. عورتن جي حجاب جي حوالي سان صدر ڀارتي صحافي ارون ڌتي راءِ جو حوالو ڏنو جنهن عورتن جي حجاب پائڻ جي مخالفت ڪندڙن تي تنقيد ڪئي آهي ۽ عورتن جي پنهنجي مرضي موجب برقعو يا حجاب پائڻ کي درست قرار ڏنو آهي. عارف ??لو?? چي?? ته ڪنهن کي نه ته زبردستي حجاب پارائي سگهجي ٿو ۽ نه ڪنهن جو حجاب لاهي ??گهجي ٿو. هن چي?? ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي ۽ معيشت سان گڏوگڏ معاشري جي بهتري لاءِ عورتن کي هر شعبي ۾ پنهنجو عملي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. صدر چي?? ته منهنجي علم ۾ اها ڳالهه آئي آهي ??ه عورتون حڪومت جي ڪامياب جوان پروگرام مان مستفيد ٿيڻ لاءِ لاڳاپيل بئنڪن ۽ ادارن سان رابطو ئي نه ڪري رهيون آهن ۽ صرف ٻه سيڪڙو عورتون قرض کي حاصل ڪرڻ لاءِ رابطو ڪيو آهي ??يڪو بي حد آسان يا نه هجڻ جي برابر شرطن تي ڏنو پيو وڃي جنهن تي مون کي وڏي حيراني ٿي. هن چي?? ته عورتن کي گهرجي ته هو بزنس فزيبلٽي يا ڪاروبار جو پلان جوڙين ۽ ڏسن ته هو قرض جي پئسن مان ڪهڙي طرح پنهنجو روزگار ڪري سگهن ٿيون ۽ ان کانپوءِ هو بئنڪ وڃن يا لاڳاپيل فورم سان رجوع ڪري قرض حاصل ڪن ۽ نه رڳو پنهنجي خاندان جي ڪفالت ڪن پر قومي معيشت ۾ پنهنجو حصو وجهن.