اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) افعانستان ۾ اشرف غني جي حڪومت جي خاتمي بعد افغانستان کي خوشحاليءَ جي راهه تي گامزن ٿيڻ لاءِ علائقائي واپار ۽ ترقياتي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي ضرورت پوندي. پاڪ- چين اقتصادي راهداري بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو وڌيڪ فعال راهدارين مان هڪ آهي، جنهن تحت پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جاري زراعت، صنعت ۽ سماجي اقتصادي خوشحالي جي منصوبن جي ٻئي مرحلي ۾ 60 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي. اخبار موجب بيلٽ اينڊ روڊ اني ايشٽو ڊگهي مُدي واري اقتصادي ۽ ڍانچي جي ترقي جي رٿا آهي جيڪا مختلف ملڪن ۽ عالمي ادارن کي پاڻ ۾ ملائي ٿي جنهن جو مقصد انسانيت جي گڏيل مستقبل سان گڏوگڏ هڪ برادريءَ جي تعمير ڪرڻ آهي. ان ۾ افغانستان ۾ اُتان جي برادريءَ جي نئ??ن سر تعمير ۾ مدد ڏيندڙ سمورو مڪينزم موجود آهي. هوڏانهن طالبان ترجمان ۽ سياسي ڪميشن جي سربراهه افغان عوام جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ چين سان ڀائيواريءَ جي خواهش جو اظهار ڪ??و آهي، جڏهن ته طالبان عالمي سيڙپڪاريءَ جي آجيان ڪري رهيا آهن ?? عالمي ڪمپنين تي زور ڀري رهيا آهن ته اهي افغانستان ۾ پنهنجون ڪارروايون جاري رکن، جڏهن ته پنهنجي پاڙيسرين خاص طور تي چين ۽ پاڪستان کي يقين ڏيار??و آهي ته اهي دهشتگردن کي افغان ڌرتي استعمال ڪرڻ نه ڏيندا، جيڪڏهن طالبان پنهنجا وعدا پورا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا ته پوءِ ان سان پوري خطي ۾ خوشحالي ۽ ترقيءَ کي هٿي ملندي.