اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آئين جي آرٽيڪل 89 تحت ال??ڪشن (ٽئين ترميم) آر??يننس 2021ع تي صحيحون ڪري ڇڏيون. آر??يننس جي مدد سان ال??ڪشن ايڪٽ 2017ع جي سيڪشن 72 ۾ ترميم ڪئي وئي آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب آر??يننس تحت چونڊيل ميمبرن کي اجلاس جي پهرين ويهڪ جي 60 ڏينهن جي اندر حلف کڻڻو پندو، ميمبرن کي آر??يننس لاڳو ٿيڻ جي 40 ڏينهن جي اندر حلف کڻڻو پوندو. آر??يننس ۾ چيو ويو آهي ته سينيٽ، اسيمبلي يا مقامي حڪومت جي لاءِ چونڊيل ميمبرن جي سيٽ وقت تي ح??ف نه کڻڻ جي صورت ۾ خالي ٿي ويندي.