اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي پاڪستان جي روانگي واپار کي وڌائڻ جي قدمن جا مثبت نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن، جولاءِ 2021ع ۾ 19.7 سيڪڙو اضافي ??ان روانگي واپار 2.3 بلين ڊالرز ۽ ٽيڪسٽائيل روانگي واپا?? 1.49 بلين ڊالرز رڪارڊ ٿيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ت?? روانگي واپار ۾ اضافو پاڪستان ۾ پرڏيهي ناڻي ۾ پڻ اضافي ??و سبب بڻجي ٿو. هن چيو ت?? 2018ع ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف کي حڪومت ملي ته (ن) ليگ جي غلط پاليسين جي ڪري ٽيڪسٽائيل انڊسٽري کي تالا لڳل هئا، پاور لومز ڪٻاڙ جي اگهن ۾ وڪرو ٿي رهيون هيون ۽ اڄ ٽيڪسٽائيل انڊسٽ??ي پنهنجي عروج تي آهي. هن چيو ت?? ٽيڪسٽائيل جي روانگي واپار ۾ رڳو جولاءِ 2021ع ۾ 17 سيڪڙو وڌيڪ اضافو ٿيو آهي.