اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي سرڪاري ملڪيتون (قبضن جو خاتمو) آرڊيننس 2021ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي آئين جي آرٽيڪل 89 تحت آرڊيننس جاري ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب آرڊيننس جو مقصد سرڪاري ملڪيتن تي غيرقانوني قبضن جو خاتمو آهي، غيرقانوني قبضا ڇڏرائڻ جي لاءِ مجاز آفيسر وٽ ??ڪم??امو جاري ڪرڻ جو اختيار ه??ند??، مقرر وقت ۾ ملڪيت خالي نه ڪرڻ جي صورت ۾ آفيسر کي ڪارروائي ڪرڻ ۽ طاقت استعمال ڪرڻ جو اختيار ه??ند??. آرڊيننس ??وجب مقامي پوليس سرڪاري ملڪيتون ڇڏرائڻ جي لاءِ انتظاميا کي ضروري مدد فراهم ڪندي، قبضن جي خاتمي تي خرچ ٿيندڙ رقم پڻ غيرقانوني قابض کان وصول ڪئي ويندي، غيرقانوني قبضو ڪندڙ ماڻهن کي قيد ۽ ڏنڊ کي پڻ منهن ڏيڻو پ??ند??. آرڊيننس ??وجب قبضن جي خاتمي لاءِ صدر پاڪستان چيف جسٽس جي مشاورت سان اپيليٽ ٽربيونل جوڙيندو، سرڪاري ملڪيتن تي قبضن جي خاتمي بابت معاملن جي لاءِ اپيليٽ ٽربيونل ئي مجاز ادارو ه??ند??. صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي (ترميمي) آرڊيننس 2021ع پڻ جاري ڪيو. پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي (ترميمي) ايڪٽ 2021ع جي سيڪشن 14 ۾ ترميم ڪئي وئي.