لاهور – 31 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اين سي او س?? ۽ وفاقي حڪومت جي گائيڊ لائينز جي ابتڙ سنڌ حڪومت جا قدم پاڪستان جي معيشت جي لاءِ تمام گهڻي نقصان جو سبب بڻجندا، صوبائي حڪومتون انفرادي فيصلا نه ٿيون ڪري سگهن، انهن کي وفاقي حڪومت جي گائيڊ لائينز ۽ اين سي او س?? جي حڪمت عملي تي عملدرآمد ڪرڻو پوندو، اسان ڪو??ون?? وائرس جي پهرين ٽن لهرن جو ڪاميابي سان مقابلو ڪيو، جڏهن اسان جي حڪمت عملي ڪاميابي سان جار?? آهي ته ان کي ??دلائي نه ٿو سگهجي، سنڌ پاڪستان جي معيشت جي شهه رڳ آهي، جڏهن معيشت مٿي وڃي ره?? آهي ان وقت مڪمل لاڪ ڊائون جون ڳالهيون نامناسب آهن. سنڌ حڪومت پاران لاڪ ڊائون هڻڻ بابت ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته بنا ڪنهن شڪ جي پاڪستان ۾ ڪو??ون?? وائرس تيزي سان وڌي رهيو آهي، بدقسمتي سان نريندر مودي جي حڪومت ڪو??ون?? وائرس کان بچاءُ جي لاءِ قدم نه کنيا جنهن جي ڪري ڀارت پوري دنيا ۾ ڪو??ون?? وائرس جي چوٿين لهر جو ذريعو بڻجي ويو آهي. هن چيو ته جڏهن ڪو??ون?? وائرس جو ڪاميابي سان مقابلو ڪري معيشتون سنڀلجي رهيون هيون، ان وقت ڀارتي حڪومت جي غيرذميواراڻي پاليسين جي ڪري پوري دنيا ڊيلٽا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ مشڪلاتن کي منهن ڏئي ره?? آهي. وفاقي وزير چيو ته موجوده صورتحال ۾ سنڌ حڪومت جي فيصلن سان ڳڻتي جي لهر پيدا ٿي وئ?? آهي، اسان ڪو??ون?? وائرس جي پهرين ٽن لهرن جو ڪاميابي سان مقابلو ڪيو، جڏهن اسان جي حڪمت عملي ڪاميابي سان هلي ره?? آهي ته ان کي ??دلائي نه ٿو سگهجي. چوڌري فواد حسين چيو ته سنڌ حڪومت اين سي او س?? ۽ وفاقي حڪومت جي هدايتن جي ابتڙ صنعتن کي ??ند ڪري ٿي ته ان سان پاڪستان جي معيشت کي ??مام گهڻو نقصان ٿيندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت ويڪسي نيشن تي زور ڏي، جن صنعتن ۾ 100 سيڪڙو ويڪسينيشن ٿي چڪ?? آهي، انهن صنعتن کي کولڻ گهرجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سنڌ حڪومت جهڙي طريقي سان پابنديون هڻي ره?? آهي ان جي نتيجي ۾ سنڌ جي عام ماڻهو جي مشڪلاتن ۾ اضافو ٿيندو. چوڌري فواد حسين چيو ته سنڌ پاڪستان جي معيشت جي شهه رڳ آهي، جڏهن معيشت مٿي وڃي ره?? آهي ان وقت مڪمل لاڪ ڊائون جون ڳالهيون نامناسب آهن. هن چيو ته آرٽيڪل 149، 151 ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب صوبائي حڪومتون انفرادي فيصلا نه ٿيون ڪري سگهن، انهن کي وفاقي حڪومت جي گائيڊ لائينز ۽ اين سي او س?? جي حڪمت عملي تي عملدرآمد ڪرڻو پوندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت فوري طور تي صنعتن کي کولي، واپاري ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ طبقي کي ??يترو تنگ نه ڪيو وڃي جو انهن جي چيلهه ٽتي پوي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سنڌ حڪومت ڪو??ون?? بابت ايس او پيز تي عملدرآمد ڪيو هجي ها ته اڄ اها صورتحال نه هجي ها. هن چيو ته وفاق ڪو??ون?? وائرس جي خاتمي بابت صوبائي حڪومتن سان هر ممڪن تعاون ڪري رهيو آهي پر صوبائي حڪومتون انفرادي فيصلا نه ٿيون ڪري سگهن، انڊسٽري کولڻي پوندي، انهن کي پنهنجي حڪمت عملي اين سي او س?? جي گائيڊ لائينز موجب ٺاهڻي پوندي.