اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي علامه اقبال ??وپن يونيورسٽي جي وائس چانسلر کي هارڊ شپ ڪ??س جو فيصلو شاگردياڻي جي حق ۾ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي جنهن کي يونيورسٽي انتظاميه جي بدانتظامي جي ڪري ايم ايڊ جي ڊگري جاري ڪرڻ ک??ن انڪار ڪري ڇڏيو هو، صدر ان ڏس ۾ وفاق محتسب جي فائنڊنگز کي به معطل ڪري ڇڏيو ??هي جنهن ۾ وفاقي محتسب سپريم ڪورٽ جي هڪ فيصلي جو حوالو ڏيندي قرار ڏنو هو ته عدالتن کي تعليمي ادارن جي پاليسي معاملن ۾ مداخلت کان پاسو ڪرڻ گهرجي، شڪايت ڪندڙ مس آسيه سعيد ملڪ وفاقي محتسب جي فيصلي خلاف صدر پاڪستان وٽ اپيل داخل ڪئي هئي، صدر جيڪو يونيورسٽي جو چانسلر به آهي، هن ڪيس کي منفرد قرار ڏئي ڇڏيو ??نهن ۾ يونيورسٽي جا عملدار پنهنجي بدانتظامي تي ضابطو آڻڻ بدران شاگردياڻي کي نشانو بڻايو، مس آسيه سعيد يونيورسٽي جي ايم ايڊ پروگرام ۾ داخل هئي، هو خزان 2017 ۾ ٿيندڙ امتحان ۾ پيش ٿي تنهن هوندي به هو ورڪشاپ ۾ شامل نه ٿي سگهي، کيس ان کانپوءِ علامه اقبال ??وپن يونيورسٽي ليٽر نمبر No.F. M.Ed/MD Edu.-w/s (Spr -19) MN/115 dated 21.08.2019 جي ذريعي ورڪشاپ ۾ شامل ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي تنهن هوندي به آخر ڪار کيس ڊگري ڏيڻ ک??ن انڪار ڪيو ويو.