اسلام آباد – 28 – جنوري (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب سنڌ کانپوءِ پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ فو??گيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 64 فو??گيون ٿيون جنهن مان 37 وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ 1 هزار 910 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 64 ماڻهو ان وائرس سبب فو?? ٿيا ج?? مان 58 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 6 مريض گ??رن ۾ قرنطينه دوران فو?? ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن ش??رن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 32 سيڪڙو، لاهور ۾ 34 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 40 سيڪڙو ۽ پشاور ۾ 28 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن ش??رن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بستر?? تي ڪورونا ج?? مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 42 سيڪڙو، ملتان ۾ 36 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 36 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 23 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 40 هزار 821 ٽيسٽ ڪيا ويا ج?? مان سنڌ ۾ 11 هزار 164، پنجاب ۾ 15 هزار 341، خيبرپختونخواهه ۾ 7 هزار 255، اسلام آباد ۾ 5 هزار 773، بلوچستان ۾ 577، گلگت بلتستان ۾ 319، آزاد ڪشمير ۾ 392 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 4 لک 94 هزار 578 ٿي چڪو آهي.گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 299 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 33 هزار 925 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 5 لک 39 هزار 387 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 8 هزار 931، بلوچستان ۾ 18 هزار 788، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 906، اسلام آباد ۾ 41 هزار 76، خيبرپختونخواهه ۾ 66 هزار 198، پنجاب ۾ 1 لک 55 هزار 808 ۽ سنڌ ۾ 2 لک 43 هزار 983 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فو?? ٿيندڙن جو انگ 11 هزار 514 آهي جن مان سنڌ ۾ 3 هزار 957 فو??گيون، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 27 مريض اسپتالن ۾ ۽ 5 مريض گ??رن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فو?? ٿيا. پنجاب ۾ 4 هزار 661 فو??گيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 14 مريض اسپتالن ۾ جڏهن ته 1 مريض گ??رن ۾ ان وائرس سبب فو?? ٿيو، خيبرپختونخواهه ۾ 1 هزار 870 فو??گيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 13 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فو?? ٿيا، اسلام آباد ۾ ڪل 472 فو??گيون ٿيون، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3 مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فو?? ٿيا، بلوچستان ۾ 193 فو??گيون، گلگت بلتستان ۾ 102 فو??گيون، آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 259 فو??گيون ٿي چڪيون آهن. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فو?? ٿيو. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ – 19 جا 78 لک 4 هزار 935 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 631 اسپتالن ۾ 2 هزار 628 مريض علاج هيٺ آهن.