اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) باباءِ قو?? قائداعظم ??حمد علي جناح جو يوم پيدائش جوش ۽ جذبي سان مل??ايو ويو، ايوان صدر ۾ خصوصي تقريب کانسواءِ سرڪاري ۽ نجي سطح تي ٻي??ن تقريبون منعقد ڪيون ويون، سول ۽ عسڪري قيادت خصوصي پيغام جاري ڪيا ۽ ڏکڻ ايشيا جي عظيم اڳواڻ ۽ سندس ساٿين جي آزاد ملڪ پاڪستان جي لاءِ عظيم جدوجهد ۽ قربانين کي خراج تحسين پيش ڪندي انهن جي نقش قدم تي هلندي ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. باني پاڪستان جي 144 هين يوم پيدائش جي موقعي تي ڏينهن جو آغاز ملڪ ۽ قو?? جي ترقي، سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ خصوصي دعائن سان ٿيو، ڪراچي ۾ مزار قائد تي گارڊز جي تبديلي جي پروقار تقريب ٿي جنهن ۾ پاڪستان مل??ري اڪيڊمي ڪاڪول جي هڪ دستي گارڊ جا فرض سنڀاليا. پاڪستان مل??ري اڪيڊمي جي ڪمانڊنٽ ميجر جنرل عمر احمد بخاري ان موقعي تي خاص مهمان هو. هن مزار تي گلن جي چادر چارهي، فاتحه خواني ڪئي ۽ ان کانپوءِ مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر قل??بن?? ڪيا. مل??ري اڪيڊمي جي دستي مارچ پاسٽ ڪيو ۽ باباءِ قو?? کي سلامي ڏني. سرڪاري ۽ نجي سطح تي قرآن خواني ۽ جهنڊو ڦڙڪايو ويو، قائداعظم ??حمد علي جناح 25 ڊسمبر 1876ع تي ڪراچي ۾ پيدا ٿيو، باباءِ قو?? جي يوم پيدائش جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل هئي، سرڪاري ۽ نجي سطح تي تقريبن ۽ خصوصي پيغامن ۾ قائداعظم ??حمد علي جناح جي فڪر ۽ ان جي تعليم کي اجاگر ڪرڻ لاءِ خصوصي تقريبن جو اهتمام ڪيو ويو.