اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪ??م??ري عوام جي حق پرست جدوجهد ۾ انهن جي نه ختم ٿيندڙ حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. ڀارت جي غير انساني قدمن، وحشياڻي ڏاڍ، ”هندو توا“ آر ايس ايس، بي جي پي حڪومت جو ??نت??ا پسنداڻو چهرو بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، ڀارت جا قدم عالمي قانونن، سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميرين سان ڀارتي واعدن جي خلاف ورزي آهن، ڪشمير هڪ سال کان وڌيڪ عرصي کان پنهنجي گهرن ۾ قيد آهن، ڀارتي ظلمن جي ??نت??ا ۽ رياستي دهشتگردي جي باوجود ڪشم??ري عوام پنهنجي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. صد?? ڊاڪٽر عارف علوي ڪشمير ۾ ڪاري ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته 73 سال اڳ اڄوڪي ڏينهن ڀارتي فوج عالمي قانونن ۽ انساني اصولن جي خلاف ورزي ڪندي سرينگر ۾ لٿي، گذريل سال پنج آگسٽ تي ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ تڪراري حيثيت ۽ ان جي آبادي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ لاءِ قدم کنيو، ڀارت جي غير قانوني ۽ هڪ طرفي قدمن کي ڪشم??ري عوام، پاڪستان ۽ عالمي برادري رد ڪيو.