اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته نواز شريف ۽ آصف زرداري ٻنهي جي بيماري جو سبب هڪ ئي آهي، قوم سان هاڻي اها دوکيبازي نه هلندي، ق??م جو مال ته واپس ڪرڻو ئي پوندو، ڪرپشن سا?? ملڪ جو بنياد کوکلو ڪرڻ جو جواب ته ڏيڻو پوندو، عمران خا?? ملڪي دولت ڦريندڙن جي اعصاب تي سوار آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽو??يٽر تي پنهنجي ٽو??يٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خا?? ملڪي دولت ڦريندڙن جي اعصاب تي سوار آهي، قانون جي حڪمران جو دعويدار بلاول صاحب پنهنجي انڪل نواز شريف کي چوي ته واپس عدالت ۾ پيش ٿي قانون جي حڪمراني جو عملي ثبوت ڏي. هن چيو ته بلاول ان ڪرپٽ ورثي جو نمائندو آهي جنه?? ملڪ جو بنياد کوکلو ڪيو، پ??پلزپارٽي ک?? ڀٽو جي وفاقي پارٽي مان علائقائي پارٽي ۾ بدلائڻ جو سهرو بلاول ۽ والد جي سر آهي.