اسلام آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت جي اولين ترجيح آهي ته سبسڊيز جي نظ??م کي منظم ۽ موثر بڻايو وڃي ته جيئن سرڪاري خزاني مان ڏنل امداد نه رڳو مستحقن تائين پهچي پر ان مان گهربل نتيجا حاصل ٿين، نظ??م ۾ بهتري جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي ته جيئن ان حوالي سان عوام?? مفادن ۾ فيصلا ڪ??ي انهن تي عملدرآمد ڪري سگهجي، هو هتي حڪومتي سبسڊيز جي نظ??م کي منظم ۽ موثر بڻائڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، صنعت وارو وزير حماد اظهر، ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪ??ر عبدالحفيظ شيخ، اداره جاتي سڌارن وارو صلاحڪار ڊاڪ??ر عشرت حسين، خاص مددگار شهباز گل، خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر، ناڻي وارو سيڪريٽري نويد ڪامران، اڳوڻو ناڻي وارو سيڪريٽري ڊاڪ??ر وقار مسعود ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي، ناڻي وا??ي اڳوڻي وزير شوڪت ترين، حبيب بئنڪ جي چيئرمين سلطان علي الانا، عارف حبيب ۽ ڊاڪٽر اعجاز نبي به وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.