اسلام آباد – 22 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمرا?? خان عوامي جمهوريه بنگلاديش جي وزيراعظم شيخ حسينه واجد کي ٽيلي فون ڪئي ۽ ساڻس بنگلاديش ۾ ڪورونا وائرس سبب ٿيندڙ فوتگين تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ وائرس جي پکيڙ روڪڻ ج?? لاءِ بنگلاديش جي حڪومت طرفان کنيل قدمن کي ساراهيو. وزيراعظم آفيس ??ان جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن جي ڪووڊ 19 سبب پيدا ٿيندڙ چئلينجز جي لاءِ پنهنجي پنهنجي ملڪن ۾ کنيل قدمن جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم عمرا?? خان شيخ حسينه واجد کي پنهنجي حڪومت طرفان عوام جون زندگيون ۽ معاش جو ذريعو بچائڻ ج?? لاءِ کنيل قدمن جي باري ۾ ٻڌايو. هن بنگلاديش جي وزيراعظم کي اسرندڙ ملڪن جا قرض معاف ڪرڻ ج?? حوالي سان عالمي سطح تي شروع ڪيل پنهنجي قد??ن ۽ ڳالهين کان به آگاهه ڪيو. وزيراعظم بنگلاديش ۾ تازي ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصانن تي به افسوس ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ ان قدرتي آفت سبب متاثر ٿيندڙن جي جلد بحالي لاءِ به نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، وزيراعظم عمرا?? خان پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ ويجهي لاڳاپن جو حوالو ڏيندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻه طرفي رابطن ۽ عوام جي سطح تي وفدن جي مٽاسٽا تي زور ڏنو، وزيراعظم عمرا?? خان سارڪ سان پاڪستان جي ڪمٽمينٽ جو اعلان ڪندي پائيدار ا??ن ۽ خوشحالي جي لاءِ علائقائي تعاون وڌائڻ ج?? سلسلي ۾ ٻنهي ملڪن جي گڏجي ڪم ڪرڻ ج?? اهميت تي زور ڏنو.