اسلام آباد – 10 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي سماجي تحفظ ۽ غربت گهٽايو بابت خاص مد??گار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو آهي ت?? پورهيتن ۽ ڏهاڙي واري طبقي کي احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام ۾ ايس ايم ايس ذريعي شامل ٿيڻ جي طريقيڪار بابت وڌيڪ آگاهي جي ضرورت آهي. جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته اهڙا ڏهاڙي وارا مزدور جن جو ڪورونا وائرس سبب ر??زگ??ر بري طرح متاثر ٿيو آهي ۽ حڪومت پاڪستان طرفان احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام تحت 12000 روپين جي امداد وٺڻ چاهين ٿا، ته فوري طور تي 8171 تي پنهنجو شن??خت?? ڪارڊ نمبر موڪلين.