اسلام آباد – 23 نومبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وف??قي وزير اسد عمر ۽ وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خصوصي معاون عثمان ڊار جي صدارت ۾ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ نادرا جي سينيئر آفيسرن جو اجلا?? ٿيو جنهن ۾ ڪامياب جوان يوٿ ڪارڊ جاري ڪرڻ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ته جيئن سڄي ملڪ ۾ نوجوانن جي فنانشل انڪلوزن ۽ انهن کي معاشي طور تي بااختيار بڻا??ڻ کي يقيني بڻائي سگهجي.