اسلام آباد-15 سيپٽمبر(اي پي پي ) پرڏيهي و??ير شاهه محمود قريشي سان گڏيل عرب ام??رات جي هم منصب شيخ عبدالله بن زايد النهيان گذريل ڏينهن ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ٻه طرفن ن??تن ۽ افغانستان جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ٻنهي وزيرن پاڪستان ۽ گڏيل عرب ام??رات جي وچ ۾ ٻه طرفن ن??تن ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبي ۾ سهڪار جي نوعيت تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو . پرڏيهي و??ير اماراتي هم منصب کي دبئي ۾ منعقد ٿيندڙ ايڪسپو 2020 جي بهترين انتظامن تي مبارڪباد ڏني ۽ ايڪسپو جي شاندار ڪامي??بي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن اهم علائقائي گڏيل دلچسپي وارن معاملن افغانستان جي صورتحال تي صلاح مشوري جو سلسلو جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو .