اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان چيو آهي ته 6 سيپٽمبر جو عظيم ڏينهن پنهنجي جانبازن، شهيدن ۽ غازين کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي، قوم کي پنهنجي شهيدن تي سدائين فخر رهندو، جن ملڪ جي دفاع، سلامتي ۽ تحفظ جي لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون، ڀارت پاڪستان ۽ علائقي جي امن کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ڀارت ۾ اقليتن ۽ والاريل ڪشمير ۾ مسلمانن تي ظلم ڪيو پيو وڃي، اسا?? جي ام?? جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، اسا?? جي بهادر قوم ۽ مضبوط هٿياربند فوج ڪيترائي ڀيرا ثابت ڪيو آهي ته اسان ملڪ جي دفاع جي ڀرپور صلاحيت رکون ٿا ۽ ڪنهن به قسم جي جارحيت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هر وقت تيار آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن دفاع ۽ شهيد?? جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. وز??را??ظم چيو ته زندهه قومون آزمائشن مان گذري اڃا وڌيڪ مضبوط ٿينديون آهن. 1965ع ۾ جڏهن دشمن اسا?? جي آزادي ۽ بقاءَ کي پائمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پاڪستاني قوم مضبوط جبل وانگر ا?? جي آڏو ڄمي وئي. 6 سيپٽمبر تي ڀارت پاڪستان تي اڻ اعلانيل جنگ مڙهي ته پوري قوم وط?? جي محافظ?? جي حمايت ۾ اٿي بيٺي، ڪيترائي ماڻهو پيادل ئي سرحدن طرف هلي پيا. قومي هم آهنگي ۽ يڪجهتي جي ان عظيم مظاهري اسا?? جي بهادر هٿياربند فوج جي جذبن کي اڃا به وڌيڪ مضبوط بڻائي ڇڏيو ۽ دشم?? جي خلاف ان بي خوفي سان وڙهي ته دنيا ۾ ان جو مثال نه ٿو ملي. اسا?? جي بهادر آفيسرن، جوانن ۽ پائليٽن دنيا تي ثابت ڪري ڇڏيو ته ملڪ جي هڪ هڪ ان?? جي حفاظت جي لاءِ هر وقت تيار آهي، ڀلي ا?? جي لاءِ انهن کي ڪهڙي به قيمت ادا ڪرڻي پوي. اهي پنهنجي جا?? جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ جرئت ۽ بهادري سان وڙهيا ۽ عظيم قربانيون پيش ڪندي ملڪ جي دفاع جو فرض نڀائڻ ۾ ڪامياب ٿيا. 6 سيپٽمبر جو عظيم ڏينهن هر سال اسان کي پنهنجي هيروز، هٿياربند فوج جي جانبازن ۽ خاص طور تي انهن شهيدن ۽ غازين کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو، جيڪي سدائين کان قوم جي اميد ۽ فخر رهيا آهن. اسان ملڪ جي سلامتي ۽ تحفظ جي لاءِ پنهنجون قيمتي جانيون قربان ڪندڙ قوم جي انهن بهادر فرزندن کي سلام پيش ڪريون ٿا. اسان شهيد?? جي فيمليز کي به خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جن پنهنجي پيارن کي ملڪ تي نڇاور ڪري ڇڏيو. اڄ هي ڏينهن ملهائيندي آئون اهو چوندس ته دشمن ڪڏهن به پرامن گڏيل بقاءَ جو مظاهرو نه ڪيو. پر پاڪستان ??ائ?? ٿيڻ کان وٺي اڄ تائين ان پاڪستان تي ڪيتريون ئي جنگيون مڙهيون آهن. 1948ع، 1965ع يا 1971ع هجي يا ٻن ڏهاڪن تي ٻڌل دهشتگردي جي خلاف جنگ، پاڪستا?? جي اندر تخريبي سرگرميون هجن يا پوءِ سائبر وار فيئر جي ذريعي پروپئگنڊه، دشمن اسا?? جي خلاف ڪارروايون ڪندو آيو آهي، بدقسمتي سان ماضي ۾ ڀارت افعان سرزمين کي پاڪستان ۾ بدامني ۽ دهشتگردي جي ڪاررواي?? جي لاءِ استعمال ڪندو رهيو. اڄ جي ڏينهن اسان انهن ڪڌا حربا اختيار ڪندڙ عنصر?? جي مذمت ڪندي پنهنجي بهادر فوج کي خاص طور تي ملڪ جي لاءِ انه?? جي لازوال قربانين کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. عالمي دنيا کي ان جارحاڻي رويي تي ڀارت کي ذميوار قرار ڏيڻ گهرجي. اسان کي فخر آهي ته اسا?? جي سيڪيورٽي فورسز وقت سر ڪارروائي ڪري ڀارت جو اصل چهرو دنيا آڏو بي نقاب ڪيو آهي. دنيا ڄاڻي وئي آهي ته ڪهڙي طرح هو علائ??ائ?? ۽ خاص طور تي پاڪستا?? جي امن کي تباهه ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهي. اسا?? جي حڪومت جي موثر پرڏيهي پاليسي جي ڪري عالمي برادري هاڻي ڄاڻي چڪي آهي ته ڪهڙي طرح ڀارتي حڪومت پوري ڀارت ۾ اقليتن ۽ والاريل ڪشمير ۾ مسلمانن تي ظلم ڪري رهي آهي. اها ان ڳالهه کي تسليم ڪري ٿي ته امن جو واحد رستو ڪشمير مسئلي جو گڏيل قوم?? جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل آهي. ڀارت کي جلد يا دير سان ڪشميرين کي انه?? جي خودمختياري جو حق ڏيڻو پوندو. اسان ڀارت جو انتهاپسنداڻو چهرو دنيا آڏو بي نقاب ڪندا رهنداسين. عالمي برادري جون معتبر ڌريون، ام?? جي لاءِ اسا?? جي ڪوششن کي تسليم ڪري رهيون آهن. ان موقعي تي آئون هڪ ڀيرو ٻيهر اها ڳالهه واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته اسا?? جي ام?? جي خواهش کي اسا?? جي ڪمزوري هرگز نه سمجهيو وڃي، پر هن خطي جي ماڻه?? جي خوشحالي ۽ بهتري جي لاءِ ان جو جواب انهي مثبت انداز ۾ ڏيڻ گهرجي. اڄ جي ڏينهن آئون پنهنجي بهادر هٿياربند فوج کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته اسان يڪجهتي جو مظاهرو ڪندي پاڪستان جو دفاع مضبوط ۽ فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ جي لاءِ هڪ ڊگهو سفر طئي ڪيو آهي. اسا?? جي حوصلي واري قوم ۽ مضبوط هٿياربند فوج ڪيترائي ڀيرا اهو ثابت ڪيو آهي ته اسان ملڪ جي دفاع جي نه رڳو ڀرپور صلاحيت رکون ٿا پر ڪنهن به قسم جي جارحيت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هر وقت تيار آهيون. اچو، سيپٽمبر جنگ جي ولولي انگيز جذبن کي پنهنجي دلين ۾ سدائين تازو رکون. اهو جذبو اڳتي درپيش سمورن چئلينجز ۾ سرخرو ٿيڻ جي لاءِ ڪافي آهي. اچو، پنهنجي شهيدن ۽ غازين کي خراج عقيدت پيش ڪندي ان وچن کي ورجايون ته اسان ملڪ جي دفاع، سلامتي ۽ بقاءَ جو تحفظ هر قيمت تي ڪندا رهنداسين. پاڪ فوج زندهه آباد، پاڪستان پائنده آباد.