اسلام آباد – 02 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان پاران ايف بي آر ۾ سڌارن ۽ معاشي پاليسين ??ي تسلسل سان ڪاروباري طبقو، ??نع??ڪار، واپاري ۽ ڪاروباري سرگرمين ??ان واڳيل سڀ ماڻهو بنا ڪنهن فرق جي فائدو کڻي رهيا آهن. ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ج??لاءِ ۾ 431 ارب ارب جُون ٽيڪس وصوليُون ٿيُون آهن جيڪي اڄ تائين ??ي سمورين وصولين کان وڌيڪ آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته جولاءِ 2021ع ۾ ٽيڪس گوشوارن سان گڏ ٽيڪس ادائيگي ۾ 54 سيڪڙو، ڪسٽمز ڊيوٽي?? ۾ 37 سيڪڙو، نيٽ روينيو ۾ 36 سيڪڙو، گراس روينيو ۾ 32 سيڪڙو، انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائيندڙن ۾ 30 سيڪڙو ۽ ريفنڊ جاري ڪرڻ ۾ 26.6 سيڪڙو اضافو ٿيو جڏهن ته پاڪستان ڪسٽمز 3.6 ارب جون اسمگل ٿيل شيون ضبط ڪيون.