اسلام آباد – 02 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سڄي ملڪ ۾ پيغام پ??ڪس??ان ضابطه اخلاق تي عملدرآمد جي اعلان کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو آهي ته اسلام سلامتي، امن، ڀ??ئيچاري، صبر، برداشت ۽ عدم تشدد جو مذهب آهي، فرقي??ار??ڻي نفرت، هٿياربند فرقيوراڻي وڳوڙن ۽ طاقت جي زور تي پنهنجا نظريا ٻين تي مڙهڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي مذهبي هم آهنگي ۽ وچ اوڀر ۽ پ??ڪس??ان علماءُ ڪائونسل جي چيئرمين حافظ محمد طاهر محمود اشرفي سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته حڪومت ملڪ ۾ محرم الحرام دوران امن امان جي قيام لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، ان ڏس ۾ پ??ڪس??ان علماءُ ڪائونسل ۽ متحده علماءُ بورڊ جو ملڪ ۾ مهذهبي هم آهنگي ۽ ڀائيچاري جي فروغ لاءِ ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ مذهبي هم آهنگي جي فروغ لاءِ ميڊيا جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته ڪجهه عن??ر ملڪ ۾ فرقيواريت کي هوا ڏيڻ لاءِ ملڪ دشمن قوتن جي هٿن ۾ کيڏي رهيا آهن، اهي پنهنجي ارادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا، ان موقعي تي حافظ طاهر محمود اشرفي چيو ته شريعت لاڳو ڪرڻ جي نالي تي طاقت جو استعمال، رياست جي خلاف هٿياربند محاذ آرائي، تخريبڪاري ۽ فساد ۽ دهشتگردي جون سموريون صورتون شريعت جي لحاظ کان حرام آهن، هن چيو ته سمورن مسلڪن جا عالم ۽ مفتي انتهاپسنداڻي سوچ ۽ شدت پسندي کي رد ڪن ٿا، محرم الحرام دوران امن ۽ امان کي هر صورت ۾ برقرار رکيو ويندو، ملاقات دوران ملڪ ۾ محرم الحرام جي دوران امن امان کي برقرار رکڻ لاءِ قدمن تي پيغام پ??ڪس??ان ضابطه اخلاق تي عملدرآمد جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.