اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايوان صدر ۾ مون سون و??ڪا??ي مهم تحت ٻوٽو لڳايو. مون سون و??ڪا??ي مهم 2021ع تحت ايوان صدر جي اڱڻ ۾ اٽڪل 10 هزار ٻوٽا لڳايا ويندا. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي صدر چي?? ته نوجوان وڌ کان وڌ وڻ لڳائي پاڪستان کي صاف ۽ شا??اب بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چي?? ته نوجوان نسل ملڪ جي قدرتي حسن کي محفوظ بڻائڻ جي ل??ءِ وڌ کان وڌ ون لڳائي ڇو ته موسمياتي تبديلي جا منفي اثر گهٽ ڪرڻ، ايندڙ نسلن کي صاف ۽ صحتمند ماحول ڏيڻ جي ل??ءِ وڻ ضروري آهن. هن چي?? ته پاڪستان کي تمام گهڻي خوبصورتي ۽ قدرتي وسيلن سان نوازيو ويو آهي، نوجوان نسل پنهنجي ڀرپاسي کي صاف سٿرو ۽ سرسبز رک?? ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته ملڪ جي اترين علائقن جي خوبصورت جاين طرف لکين سياح متوجه ٿيا آهن پر سياحن کي ماحول صاف رک??، آلودگي پکيڙڻ کان پاسو ڪرڻ جي ل??ءِ تعليم جي ضرورت آهي. هن چي?? ته پاڪستان جي ماحولياتي نظام کي موسمياتي تبديلي، گلوبل وارمنگ ۽ ٻيلن جي واڍيءَ جي ڪري خطرا درپيش آهن. صدر چي?? ته ملڪ ۾ ٻيلن ۾ اضافي جي ل??ءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چي?? ته موسمياتي تبديلي ۽ گلوبل وارمنگ دنيا جي مختلف حصن ۾ گليشيئر پگهڙڻ ۽ ٻوڏ جو سبب بڻجي رهي آهي. ان موقعي تي موسمياتي تبديلي واري خاص معاون ملڪ امين اسلم صدر کي مون سون و??ڪا??ي بابت بريفنگ ڏني ۽ ٻڌايو ته پاڪستان جي سڀ کان وڏي و??ڪا??ي مهم تحت سڄي ملڪ ۾ 50 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻوٽا لڳايا ويندا جڏهن ته 10 ارب ٽري سونامي جي پهرين مرحلي ۾ 2018ع کان 2023ع تائين 3.296 ارب وڻ لڳايا ويندا. ملڪ امين اسلم چي?? ته و??ڪا??ي مهم سان قدرتي ماحول جي تحفظ، ٻيلن ۾ اضافي ۽ گلوبل وارمنگ جا اثر گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي.