اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اوورسيز پاڪستانين کي انهن جا سياسي حق ڏيڻ سان گڏوگڏ چونڊ عمل ک?? وڌيڪ شفاف، محفوظ ۽ غير جانبدار بڻائڻ لاءِ چونڊ سڌارن جو ع??ل تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ چونڊ نظام کي مستحڪم بڻائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ سياسي پارٽين ۽ لاڳاپيل ادارن جي قومي ذميداري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چونڊ سڌارن جي حو??لي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪند?? ڪيو. اجلاس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وفاقي وزير امين الحق ۽ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ظهير الدين بابر اعواڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي چونڊ قانونن ۾ بهتري جي حو??لي سان مختلف تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ سڌارن واري عمل کي اڳت?? وڌائڻ لاءِ سياسي پارٽين ۽ ٻين حصيدارن جي وچ ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر اليڪشنز ايڪٽ 2017ع جو حو??لو ڏيندي چيو ته سمورين سياسي پارٽين جمهوري عمل کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ان جي حمايت ڪئي، هن ڀيري به سياسي پارٽين جي قيادت پاران اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي ذريعي شفاف چونڊ عمل جي حو??لي سان عوام جي سياسي حقن جي تحفظ سان گڏوگڏ انٽرنيٽ ووٽنگ جي ذريعي سمنڊ پار پاڪستانين جي سه??لت لاءِ انهي تعاون جي جذبي جو مظاهرو ڪرڻ جي ضرورت آهي.