اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان کي مديني جي رياست جي رخن ??ي قائم ڪرڻ ۾ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي، مديني جي رياست جا ٻه سنهري اصول جن ۾ انصاف ۽ عوامي ڀلائي آهي، اولهه انهن ئي اصولن کي اختيار ڪري ترقي ڪئي، بدقسمتي سان پاڪستان کي حقيقي اسلا??ي فلاحي رياست بڻائڻ بابت اڳ ۾ ڪنهن ليڊر نه سوچيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبلا اياز ۽ ڪائونسل ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو.