اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغان مسئلي جي سياسي حل جي ضرورت آهي، رشين ??يڊريشن سان واپار، ريلوي، هوابازي سميت ٻين شعبن ۾ تعاون جا خواهشمند آهيون. پاڪستان جي دوري تي آيل روسي فيڊريشن جي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪ روس ٻه طرفي لاڳاپن ۽ علائقائي ۽ عالمي اهميت جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم جون ۾ بشڪيڪ ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي م??قعي تي صدر والادي م??ر پوٽن سان پنهنجي م??اقات جو ذڪرو ڪيو، جتي هن ٻه طرفي لاڳاپن کي هڪ نئين سطح تي وٺي وڃڻ جي خواهش تي زور ڏنو هو. وزيراعظم هڪ اهم پرڏيهي پاليسي جي ترجيح جي طور تي روس سان پنهنجي لاڳاپن جي اهميت جو ورجاءُ ڪيو. هن ٻه طرفي لاڳاپن ۾ استحڪام تي اطمينان جو اظهار ڪيو. جنهن ۾ واپار، توانائي، سلامتي ۽ دفاع ۾ گِهرو تعاون شامل آهي. وزيراعظم ”پاڪستان اسٽريم“ (اتر ڏکڻ) گئس پائيپ لائين ??نصوبي جي لاءِ گهربل قانوني ع??ل کي تيزي سان مڪمل ڪرڻ ۽ جلد کان جلد ڪم شروع ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ توانائي، صنعتي جدت، ريلوي ۽ هوابازي جي شعبن ۾ ٻه طرفي تعاون کي وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته هن سال جي آخر ۾ ماسڪو ۾ ٿيندڙ بين الحڪومتي ڪميشن (آءِ جي سي) ان ڏس ۾ مخصوص تجويزن ۽ منصوبن کي پيش ڪندي، ڪووڊ – 19 وبائي مرض جي ذريعي درپيش صحت ۽ معاشي چئلينجن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم روس کي ڪورونا ويڪسين ??اهڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ ان ڏس ۾ پاڪستان جي م??صوبن تي زور ڏنو، وزيراعظم افغان تڪرار جو ڳالهين سان سياسي حل جي اهميت تي زر ڏنو، ماسڪو ۾ تازي اجلاس جي م??زباني جي ذريعي پاڪستان افغان امن ع??ل کي فروغ ڏيڻ ۾ روس جي ڪوششن کي ساراهيو.