لاهور ??? 12 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته الله تعاليٰ اسان جي م??ڪ ڪيترن ئي قدرتي نعمتن سان مالا مال ڪيو آهي، اسان جي م??ڪ ۾ ڪنهن به شيءَ جي کوٽ نه آهي، حڪومت ملڪ ۾ زيتون جي ٻيلا لڳائڻ جو منصوبو شروع ڪرڻ وڃي رهي آهي، زيتون جي ٻيلن سان خاموش انقلاب ايندو، گذريل 12 سالن ۾ لاهور ۾ 70 سيڪڙو وڻن جو خاتمو ٿي چڪو آهي، ايندڙ نسل کي صاف ۽ بهتر ماحول جي فراهمي يقيني ??ڻائڻي پوندي، 50 مختلف جاين تي ٻيلا لڳايا ويندا، چين جي ترقي جو راز ان جي ڊگهي مدي واري م??صوبابندي آهي، بدقسمتي سان ماضي جون حڪومتو?? اليڪشن لاءِ پنج سالن جو سوچينديون رهيون، ملڪ جي مستقبل لاءِ اسان کي به ڊگهي مدي واري م??صوبابندي تي هلڻو پوندو، 10 ارب وڻ پوکڻ س??ن ماحولياتي آلودگي ۾ گهٽتائي ايندي. وزيراعظم عمران خان اهڙن خيالن جو اظهار جيلاني پارڪ ۾ اربن فاريسٽ منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته هڪ وقت جڏهن لاهور سڄو گرين هو، ٻنيون هيون، لارنس گارڊن، جناح باغ جي ڪري سڄو شهر سرسبز هو، آبادي جي وڌڻ س??ن گڏ اسان لاهور جي ماحوليات تي ڌيان نه ڏنو، گذريل 12 سالن ۾ لاهور جي 70 سيڪڙو وڻن جو خاتمو ٿي چڪو آهي، ان جا منفي اثر هاڻي سڀني ??ي سامهون آهن، فيبروري جي م??يني ۾ هڪ بهترين موسم هوندو هو پر اڄ حالت اها آهي ته هر پاسي ڌنڌ جو راڄ آهي جيڪا هڪ خاموش قاتل آهي، ڏينهن ئي نٿو نڪري، ڌنڌ جي ڪري ٻارن ۽ پوڙهن ۾ ڦڦڙن جو مرض عام ٿي چڪو آهي، عمران خان چيو ته اسان کي ايندڙ نسل کي صاف ۽ بهتر ماحول جي فراهمي يقيني ??ڻائڻي پوندي، حڪومت ماحولياتي آلودگي جي خاتمي جي لاءِ بلين ٽري م??صوبو شروع ڪيو آهي جنهن سان آلودگي ۾ گهٽتائي ايندي.