اسلام آباد – 15 – جنوري (اي پي پي( گذريل 24 ڪلاڪن د??ران پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون و??ون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن د??ران ڪورونا وائرس سبب 45 فوتگيون ٿيون جنهن مان 22 وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي 2 هزار 417 ماڻهن جا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 45 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جن مان 38 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 7 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 49 سيڪڙو، لاهور ۾ 34 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 55 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 31 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي ??رح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 48 سيڪڙو، ملتان ۾ 38 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 36 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 27 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن د??ران ڪوويڊ – 19 ??ا 40 هزار 359 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 13 هزار 9، پنجاب ۾ 14 هزار 710، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هزار 163، اسلام آباد ۾ 5 هزار 153، بلوچستان ۾ 568، گلگت بلتستان ۾ 390، آزاد ڪشمير ۾ 367 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 4 لک 69 هزار 306 ٿي چڪو آهي. آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪ?? به مريض هن و??ت وينٽيليٽر تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 322 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪ??سز جو انگ 34 هزار 169 آهي.