اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته ڀارت جي بي بنياد ۽ من گهڙت مهم جو مقابلو حقيقتن سان ڪيو وڃي، عوام ۽ عالمي برادري آڏو ڀارت جو اصل چهرو آندو وڃي، ڀارتي ميڊيا جي منفي پروپئگنڊه کي ناڪام بڻائڻ ۽ عوام ۾ شعور اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستا?? جي خلاف ج??ري ڀارتي پروپئگنڊه خاص طور تي ڀارتي ميڊيا پاران جاري هائبرڊ وار فيئر جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.