اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جي انگيج آف??يق?? پاليسي جو مقصد آفريقي ملڪن سان س??ارتي لاڳاپن ۽ اقتصادي رابطن کي فروغ ڏيڻ آهي، پاڪستان جلد ئي جبوتي ۾ پنهنجو ريزيڊنٽ سفارتي م??ن قائم ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمهوريه جبوتي جي قومي اسيمبلي جي صدر محمد علي حامد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن پارلياماني وفد سان گڏ ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي پڻ موجود هو. وزيراعظم جبوتي جي وفد جي گرمجوشي سان آجيان ڪئي ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا گڏيل مذهب ۽ قدرن تي ٻڌل آهن ۽ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ علائقائي ۽ عالمي م??املن تي خيالن ۾ مڪمل هم آهنگي آهي.