GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

او آءِ سي ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي لاءِ انهن جي حمايت جاري رکندي: پاڪستان جي پرڏيهي سيڪريٽري سائرس سجاد قاضي سان گڏيل پريس ڪانفرنس

image

اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي ڄمون ۽ ڪشمير بابت خصوصي نمائندي يوسف ايم الدوبي چيو آهي ته او آءِ سي ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي لاءِ انهن جي حمايت جاري رکندي، ڀارت پنهنجي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت کي تبديل ڪرڻ بابت 5 آگسٽ 2019ع جا غيرقانوني ۽ هڪطرفا قدم واپس وٺي ۽ ڪشميرين کي انهن جي جائز ۽ منصفاڻي خودمختياري جي حق سميت انهن جا حق ڏي. پرڏيهي وزارت ۾ پرڏيهي سيڪريٽري سائرس سجاد قاضي سان گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ او آءِ سي جي خصوصي نمائندي چيو ته سندس پاڪستان جي دوري جو مقصد ڪشمير مسئلي بابت مڪمل آگاهي حاصل ڪرڻ آهي. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير او آءِ سي جي پليٽ فارم تي هڪ پراڻي ايجنڊا آهي، اسلامي تعاون تنظيم وقت بوقت ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال جي شديد مذمت ڪئي آهي، او آءِ سي ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ٿو، او آءِ سي ڪشميرين جي خودمختياري جي حق لاءِ انهن جي حمايت جاري رکندي. او آءِ سي جو خصوصي نمائندو هن وقت پاڪستان جي دوري تي آهي ۽ هو آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو پڻ ڪندو ته جيئن هو ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن ۽ انساني صورتحال جو جائزو وٺي سگهي. هن چيو ته سندس آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو تجويز ڪيل دورو هن سال ڊسمبر ۾ گيمبيا ۾ ٿيندڙ 15 هين اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) سربراهي ڪانفرنس کان اڳ والاريل ڪشمير جي حقيقتن ۽ زميني صورتحال بابت معلومات حاصل ڪرڻ آهي. او آءِ سي جي ڄمون ۽ ڪشمير بابت خصوصي نمائندي 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪ طرفي قدمن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو جنهن ڪشميرين کي اقليت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. او آءِ سي جي خصوصي نمائندي ياد ڏياريو ته ڄمون ۽ ڪشمير تي او آءِ سي رابطا گروپ جو سيپٽمبر ۾ نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي پنهنجي اجلاس ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو هو. هن چيو ته اجلاس ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ماڻهن جي بنيادي حقن ۽ آزادي تي مسلسل پابندين تي پڻ گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. او آءِ سي جي خصوصي نمائندي ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي کي عالمي فورمز تي اجاگر ڪرڻ تي پاڪستان حڪومت کي ساراهيو ۽ او آءِ سي جي ان مقصد جي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي پرڏيهي سيڪريٽري سائرس سجاد قاضي چيو ته او آءِ سي جي خصوصي نمائندي سان ملاقات ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار ۽ والاريل علائقي ۾ ڀارت پاران انساني حقن جي جاري خلاف ورزين تي ٺوس ڳالهه ٻولهه تي ڌيان ڏنو ويو. هن چيو ته او آءِ سي جو ايلچي لائين آف ڪنٽرل (ايل او سي) جو دورو ڪندو جتي هو زميني صورتحال تي بريفنگ وڍندو. هن چيو ته هو ڪشميري نمائندن سان پڻ ملاقات ڪندو ته جيئن هو والاريل علائقي ۾ ڪشميرين جي خراب حالت بابت آگاهي حاصل ڪري سگهي. پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته او آءِ سي جي ڄمون ۽ ڪشمير بابت خصوصي نمائندي کي هڪ اهم ذميواري ڏني وئي آهي، هو او آءِ سي جنرل سيڪريٽريٽ، آزاد مستقل انساني حقن واري ڪميشن (آئي پي ايڇ آر سي) ۽ اسلامي ترقياتي بئنڪ، ڄمون ۽ ڪشمير تي او آءِ سي رابطا گروپ، او آءِ سي جي وسيع تر ميمبرشپ، ٻين علائقائي ۽ عالمي تنظيمن ۽ عالمي برادري سان ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار بابت معاملن تي او آءِ سي جي مڪينزم سان گڏ هڪ اهم پل طور ڪم ڪري ٿو. هن چيو ته ڪشميري عوام جي بنيادي حقن ۽ آزادين تي پابنديون برقرار آهن. هن چيو ته پوري حريت سياسي قيادت ۽ ڪشميري عوام جو حقيقي آواز گذريل ڪيترن ئي سالن کان غيرقانوني طور تي نظربند آهي، گرفتار سياسي ڪارڪنن ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن جو مجموعي انگ چار هزار آهي. پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته ڀارتي عملدارن عدالت کان ناليواري ڪشميري اڳواڻ ياسين ملڪ جي لاءِ موت جي سزا جو مطالبو ڪيو آهي جنهن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي، هڪ ٻئي ڪشميري اڳواڻ شبير احمد شاهه پنهنجي 70 سال جي اڌ کان وڌيڪ زندگي جيلن ۾ گذاري آهي. پرڏيهي سيڪريٽري سائرس سجاد قاضي چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن والاريل علائقي ۾ ڏاڍ جو هڪ نئون باب کولي ڇڏيو آهي، انهن قدمن جو اصل مقصد ڪشميرين کي انهن جي پنهنجي سرزمين ۾ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ آهي. هن ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پائيدار حل بابت او آءِ سي جي قراردادن جي ذريعي ڪشميري عوام جي ڀرپور حمايت تي او آءِ سي جا پاڪستان پاران ٿورا مڃيا. پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته موجوده ڀارتي حڪومت ڪشميرين تي ظلم جا پهاڙ ٽوڙي رهي آهي، ڪشميرين کي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري جو حق ملڻ گهرجي. او آءِ سي جو خصوصي نمائندو يوسف ايم الدوبي ڄمون ۽ ڪشمير تي او آءِ سي پلان آف ايڪشن تحت پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير جو دورو ڪري رهيو آهي.

مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔
متعلقہ مضامین
مزید خبریں