ڪراچي – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان ڪراچي جي مسئلن جي مستقل حل لاءِ 1100 ارب روپين جي تاريخي پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي اهو پيڪيج وفاقي ۽ صوبائي ح??ومت گڏجي جوڙيو آهي، ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ صوبائي ڪوآرڊينيشن عملدرآمد ڪميٽي جوڙي ويندي. ڪراچي جي دوري جي موقعي تي ڪراچي ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ سنڌ جي وڏي ??زي?? سيد مراد علي شاهه سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي ??زي??اعظم عمران خان ان تاريخي پيڪيج جو اعلان ڪيو، هن چيو ت?? ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ اجلاس ۾ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اسان ڪوشش ڪنداسين ته ٽن سالن ۾ ڪرا??ي ۾ پاڻي جو مسئلو حل ٿي وڃي، نالن جي صفائي جو ڪم اين ڊي ايم اي جي حوالي ڪيو ويو آهي جنهن ان تي ڪم به شروع ڪري ڇڏيو آهي، هتي آباد غريب ماڻهو بي گهر ٿيندا جنهن کي ٻيهر آباد ڪرڻ جي ذميداري سنڌ حڪومت جي آهي، ??زي??اعظم چيو ت?? سيوريج سسٽم جي حوالي سان فيصلو ڪيو ويو آهي، انهي پيڪيج ۾ ان مسئلي کي به مڪمل حل ڪيو ويندو، ان سان گڏوگڏ سالڊ ويسٽ جو مسئلو به ا?? پيڪيج تحت ئي حل ڪيو ويندو، ??زي??اعظم چيو ت?? ڪرا??ي ۾ ٽرانسپورٽ جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ سرڪلر ريلوي به انهي پيڪيج تحت مڪمل ٿيندو، ڪرا??ي ۾ گرين لائن منصوبو به مڪمل ڪنداسين، ??زي??اعظم چيو ت?? ڪراچي جي ماڻهن کي مشڪل حالتن مان گذرڻو پيو آهي تنهن هوندي به اهي مسئلا ان ڪميٽي جي تعاون سان حل ڪنداسين.