اسلام آباد – 19 جولاءِ (اي ??ي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ڪشميرين جو پاڪست??ن سان الحاق ثبوت آهي ته انهن جي دل ۾ پاڪستان آهي، اهو فيصلو طاقت ۽ ڏاڍ ذريعي زير ڪندڙن جي منهن تي تا??يخ جي زوردار چماٽ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي منزل حاصل ڪرڻ تا??ين انهن جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت پو??ي قوت سان جاري رکندا??ين.