ڪراچي – 20 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ايل آر بي ٽي اسپتال غريب ۽ وچولي طبقي جي لاءِ علاج جون زبردست سهولتون فراه?? ڪري رهي آهي، سرندي وارن ماڻهن کي ان خير جي ڪم ۾ وڌي چڙهي حصو وٺڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ جي گورنر عمران ا??ما??يل سان گڏ ايل آر بي ٽي اسپتال ??ور??گي جي دوري جي موقعي تي ڪيو.