ڊيووس – 23 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جنگ تباهي هوندي، جنگُون مسئلا حل ڪرڻ بدران وڌيڪ مسئلا پيدا ڪنديون آهن، ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم ج?? موقعي ??ي سي اين بي سي ج?? هيڊلي گيمبل کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن آمريڪا ۽ ايران جي وچ جنگ ٿي ته اها تباهي آڻيندڙ هوندي، يقين ڪريو ته ايران جو تڪرار افغ??نس??ان جي مقابلي ۾ انتهائي مشڪل هوندو، وزيراعظم آمريڪا جي طرفان ڳالهين لاءِ آمادگي کي ذميداراڻو قرار ڏيندي چيو ته 19 سال گذرڻ جي باوجود افغ??نس??ان جو تڪرار حل نه ٿي سگهيو ۽ ڌريون ڳالهين جاري رکڻ ۽ فائربندي لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آه??، هن چيو ته افغ??نس??ان ۾ به ماڻهو مري رهيا آه??، هڪ کرب ڊالر کان وڌيڪ خرچ ٿي چڪا آهن ته ڇا آمريڪا وڌيڪ ڪنهن ٽڪر جي سٽ سهي سگهي ٿو.